آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

غلام حسين رنگريز: هڪ دوست جي ياد

غلام حسين رنگريز بہ گذاري ويو. سنڌي ادبي سنگت جي احياء کانپو۽ تاج جويو سيڪريٽري جنرل ٿيو هو. ان کانپوء رنگريز سنگت جي اڳواڻي سنڀالي هئي. غلام حسين رنگريز جيتوڻيڪ سياسي طور جيئي سنڌ محاذ ۽ اهڙي ريت تاج جوئي وارن سان لاڳاپيل هو، پر سندس گهڻي دلچسپي سياسي سرگرمين کان وڌيڪ ادبي سرگرمين ۾ هئي.
ان وقت ڪجهہ عرصو فقير محمد لاشاري سنگت ڪراچي جو سيڪريٽري هو ۽ اسان بہ ان ۾ سرگرم هوندا هئاسين. سنگت ڪراچي سيڪريٽري جنرل جي طور تي تاج کي ساڳيو پروٽوڪول ۽ مان ۽ مرتبو ڏيندي هئي، جيڪو هڪ سيڪريٽري جنرل لھڻي. هو سنگت ڪراچي جي مختلف پروگرامن ۾ ايندو هو. بلڪ ائين بہ ٿيندو هو تہ جڏهين هو ٻئي ڪنھن ڪم ڪار سان ڪراچي ۾ هوندو هو تہ رمپا پلازه جي سامھون اڳوڻي پلازه سينيما جي ڀر ۾ هڪ ننڍي هوٽل هوندي هئي، جتي آئون ۽ لاشاري اڪثر گڏجاڻي کان اڳ چانھن لاء ويھندا هئاسين ۽ تاج کي اها ڄاڻ هوندي هئي، هو اتي اچي اسان سان ملاقات ڪندو هو ۽ سنگت جي گڏجاڻي ۾ بہ شامل ٿيندو هو. سنگت ڪراچي جڏهين شھر جي ٻين ترقي پسند ادبي تنظيمن سان گڏجي 1986 ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي گولڊن جوبلي جو اهتمام ڪيو هو تہ سنگت جي سيڪريٽري جنرل جي طور تاج کي خاص طور مدعو ڪيو ويو هو ۽ هن اتي سنڌي ۾ تقرير بہ ڪئي هئي.
ان سڀ جي باوجود تاج سان سنگت ڪراچي جي مختلف مسئلن جي حوالي سان ويجهڙائي نہ هئي. رنگريز جيتوڻيڪ ان جو ئي تسلسل هو، پر شخصيتن جو فرق هوندو آهي. تاج ۾ جيڪا اڳرائي ۽ ادبي تنظيم کي هڪ سياسي پليٽ فارم ڪري هلائڻ واري ڳالھہ هئي رنگريز ۾ اها نہ هئي. هو جيتوڻيڪ پنھنجي سوچ ۾ واضح ۽ موقف تي مضبوطي سان قائم هوندو هو پر ان تي ڳالھائڻ ۽ صلاح مصلحت لاء تيار هوندو هو ۽ زوري پنھنجي موقف کي ٻين تي مڙهڻ ۽ ٽڪراء ۾ اچڻ کان پاسو ڪندو هو.
رنگريز جي سيڪريٽري جنرل واري دور ۾ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي، جنھن ۾ سنگت ڪراچي جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ آئون بہ شامل هوس، اهو فيصلو ڪيو هو تہ اهي سنڌي ليکڪ جھڙوڪ امرجليل، عبدالقادر جوڻيجو، نورالھدا شاه ۽ شيخ اياز وغيرہ جيڪي اڙدو ۾ لکن ٿا انھن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. ان وقت مون ان فيصلي جي مخالفت نہ ڪئي. پر جڏهين ڪراچي موٽڻ کانپوء ڪاروباري ڪاميٽي ۾ ان فيصلي کي پيش ڪيم تہ ان تي اتي موجود دوستن سخت ردعمل جو اظھار ڪيو ۽ مون کي پاڻ اهو احساس ٿيو تہ مون کان اها غلطي ٿي هئي. ڪاروباري ڪاميٽي اتفاق رائي سان ان فيصلي جي حوالي سان هڪ پريس بيان، جيڪو 5 فيبروري 1989 تي هلال پاڪستان ۾ شائع ٿيو، ذريعي پنھنجو موقف واضح ڪندي چيو تہ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي نئين چونڊيل ڪاروباري ڪاميٽي حيدر بخش گل جي صدارت ۾ گڏجاڻي ڪري ملڪ جي موجودہ سياسي سماجي صورتحال تي تفصيلي بحث ڪرڻ کانپوء پنھنجي بيان ۾ چيو آهي تہ معاشري جي سڀني قوتن کي عالمي ۽ مقامي تبديلين کان مڪمل آگاهي جو احساس تيز ڪري وڌڻ گهرجي. شڪست کاڌل، عوام کان ڪٽيل ۽ مڪمل مايوسي واري ذهنيت سياسي طرح سنڌي قوم جي خيرخواهي جي واٽ نٿي ٺاهي سگهي. سنگت سمجهي ٿي تہ جيڪي قوتون عوام کي منظم ڪرڻ جي ڪم ۾ ناڪام رهيون آهن ۽ نتيجي ۾ عوام بہ کين رد ڪري ڇڏيو آهي، اهي عوام جي خلاف ذهني داداگيري واري روش بند ڪري جمھوري واٽ وٺن. سنگت سمجهي ٿي تہ جن قوتن وٽ سنڌي قوم جو سائنسي ۽ عقلي تصور ناهي ۽ جيڪي سنڌي قوم جو قبائلي تصور رکن ٿيون، انھن جو مقدر مستقل ناڪامي کانسواء ٻيو ڪجهہ بہ ناهي. سنگت سنڌي قوم جو قبائلي تصور رکندڙ ٽولن جي عقل ۽ دليل خلاف ڪابہ دھشت گردي ۽ ٺيڪيداري قبول نہ ڪندي. سنگت جو هي يونٽ سمجهي ٿو تہ هي انسان جو بنيادي حق آهي تہ هو پنھنجن خيالن جي اظھار لاء ڪھڙي بہ ٻولي کي اظھار جو ذريعو بڻائي. جيڪڏهين امر جليل، شيخ اياز، عبدالقادرجوڻيجو، يا نورالھدا شاه ۽ ٻيا سنڌي اديب اڙدو ۾ بہ لکن ٿا تہ ان ۾ اعتراض ڪرڻ يا کين ليکڪن جي برادري مان رد ڪرڻ جو ڪنھن کي بہ حق نہ ٿو پھچي. هي يونٽ پاڪستان اندر اڙدو ٻولي جي پرماري حيثيت کي رد ڪرڻ ۾ ڪڏهين بہ پٺتي نہ رهيو آهي، البت هي يونٽ سنڌي خواه ٻين ٻولين ۾ لکجندڙ مواد ۾ فقط انسان دوستي، وطنيت ۽ ترقي پسندي جي مقصدن کي اڳتي وڌائيندڙ شين کي پنھنجو سمجهي ٿو. سنڌي ادبي سنگت جو هي يونٽ نئين جمھوري صورتحال جي آجيان ڪري ٿو ۽ خاص طرح سان اختلاف ۽ تنقيد جي حق جي بجالي ۽ ان جي چڱن امڪانن تي خوشي جو اظھار ڪري ٿو. يونٽ سمجهي ٿو تہ تنقيد جي ان حق جي عالمي ۽ عقلي استعمال سان انڌ جي قوتن ۽ دليل بدران الزامن جي دھشت گردي ڪندڙن کي ٻھاري ختم ڪري سگهجي ٿو. سنگت جو هي يونٽ سمجهي ٿو تہ دليل، سھپ ۽ رواداري جو ماحول پيدا ڪرڻ لاء ڪوششون تيز ڪيون وڃن.
ان جي موٽ ۾ سيڪريٽري جنرل پاران سنگت ڪراچي جي سيڪريٽري کي ّخط لکيو ويو جنھن ۾ چيو ويو تہ جيئن تہ 5 فيبروري 1989 واري هلال پاڪستان اخبار ۾ ڪراچي س ا س جي حوالي سان هڪ پريس پڌرائي بعنوان سنڌي قوم جو قبائلي تصور رکندڙ قوم جي خير خواهي جي واٽ نہ ٿا ٺاهي سگهن، شائع ٿي آهي جنھن کي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي پاران پاليسي بيان ظاهر ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. انھي سلسلي ۾ سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان محترم فقير محمد لاشاري ۽ شڪور نظاماڻي تي روبرو اها ڳالھہ واضح ڪئي هئي جيڪا يقينن توهان تائين بہ پھتي هوندي تہ پاليسي سازي يونٽن جو ڪم نہ پر مرڪز جو ڪم هوندو آهي. اهو بہ ڪاروباري ڪاميٽي (مرڪزي) يا سنڌ ڪائونسل جهڙو ادارو ئي ڪرڻ جو مجازهوندو آهي. ڪو مرڪزي عھديدار بہ پنھنجي طرفان پاليسي ٺاهڻ يا ظاهرڪرڻ جو مجازنہ آهي. جيڪڏهين هر يونٽ يا شاخ پنھنجي طرفان پاليسي سازي جو ڪم پنھنجي هٿ م کڻي تہ پوء مرڪزجي پاليسي سازي جي ڪابہ وقعت نہ ٿي رهي ۽ اهڙي ريت هڪ تنظيم جي هڪ پاليسي نہ پر ڪيئي پاليسيون ٺھي پونديون جيڪي ايڪي بجائي انتشار جوڪارڻ ٿينديون.
ڪو بہ شڪ ناهي ۽ ڪي غير ارادي عمل بہ دشوارين کي جنم ڌيئي وجهندا آهن. ٿيڻ تہ ايئن کپندو هو تہ توهان مرڪزي پاليسي لائحه عمل جي زوردار پٺڀرائي ڪري ان کي مزيد تقويت ڏيو ها، جنھن جي توهان مان توقع ڪئي پئي ويئي. توهان بذات خود مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ شريڪ هئا، جتي توهان پاليسي لائحه عمل سان ڀرپور اتفاق جو اظھار بہ ڪيو هو. ٿيڻ تہ ائين کپندو هو تہ توهان پنھنجو نقطہ نطر انھي فورم تي واضح ڪريو ها تہ جيئن انھي تي کلي گفتگو ٿي سگهي ها.
بھرحال آئون وري بہ توقع ڪريان ٿو تہ توهان ۽ ٻيا دوست پنھنجي انھي عمل تي ٻيھر ويچار ڪري ٿيل غلطي جو ازالو ڪندا ۽ مرڪزي پاليسي لائحه عمل سان سھمت ۽ ان جي حمايت جي پريس پڌرائي ڪندا ۽ گذشتہ بيان کي پاليسي بيان سڏڻ جي بہ اصلاح ڪندا.
مون کي اميد آهي تہ سنگت جي عظيم تر مفاد خاطر توهان ۽ ٻيا دوست ٿڌي دل ۽ دماغ سان انھي ڏس ۾ قدم کڻندا. توهان جي طرفان وضاحت جو انٿظار رهندم.
انھن اختلافن جو مطلب اهو نہ هو تہ سنگت ڪراچي پنھنجي مرڪزکان ڪا ڌار حيثيت رکڻ ٿي چاهي. اهي هڪ تنظيم ۾ رهندي صحت مند اختلاف هئا ۽ ٻيو تہ انھن جي ڪا ذاتي نوعيت نہ هئي. ڪراچي يونٽ نہ تہ موڪز ۽ سيڪريٽري جنرل جي حيثيت کي چئلنج ٿي ڪيو ۽ نہ ئي ان حيثيت کي مڃڻ کان انڪار ٿي ڪيو. سيڪريٽري جنرل جي طور رنگريز سان نھايت خوشگوار ناتا هئا. سنگت ڪراچي جي مختلف اهم پروگرامن ۾ رنگريز خاص مھمان طور شريڪ ٿيندو هو. ان سلسلي ۾ رمپا پلازه ۾ سراج جي ڪتاب تي ڪيل هڪ پروگرام جو حوالو ڏيئي سگهجي ٿو جنھن ۾ سراج ۽ شيخ اياز بہ شريڪ ٿيا هئا. سنگت جي معاملن تي ڳالھہ ٻولھہ ڪرڻ ۽ هڪ هم آهنگي پيدا ڪري سنگت کي وڌيڪ بھتر انداز ۾ هلائڻ لاء هڪ ڀيري آئون ۽ فقيرمحمد لاشاري گڏجي رنگريز جي گهر بٺوري ويا هئاسين جتي اسان وٽس رات رهيا هئاسين ۽ مختلف ڳالھين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئيسين. هڪ لحاظ کان اختلافن هوندي بہ رنگريز جي سيڪريٽري جنرل هوندي ساڻس ڪراچي سنگت جو لاڳيتو سھڪار ۽ تعلق رهندو ٿي آيو.
آئون سمجهان ٿو تہ رنگريز جو طريقہ ڪار دٻڙ دونس ۽ زبردستي سان سنگت کي هڪ خاص سياسي ڌر جي پليٽ فارم طور هلائڻ نہ هو ۽ اهو ئي طريقو سنگت جي مفاد ۾ بہ هو. پر ساڳي وقت اها ڳالھہ انھن ماڻھن کي نہ ٿي آئڙي جن سنگت کي ذاتي ۽ سياسي فائدن جي حصول لاء استعمال ڪرڻ چاهيو ٿي. ان ڪري رنگريزپنھنجو ٻن سالن جو مدو پورو ڪري پاسيرو ٿي ويو.
رنگريز سان منھنجو سندس زندگي جي پڄاڻي تائين واسطو رهندو آيو. ان جو اهم ڪارڻ اهو هو تہ رنگريز جو گلشن حديد سان هڪ ويجهو تعلق رهيو آهي. رٽائرمنٽ کانپوء هن ڪجهہ عرصو ٺٽي ۽ پوء ڪراچي ۾ وڪالت ڪئي. هو ٺٽي ۾ وڪالت دوران بہ ڪجهہ عرصو گلشن حديد ۾ رهيو جتان هو روز ٺٽي اچ وڃ ڪندو هو ۽ آفيس ويندي مون کي بس اسٽاپ تي بس جي انتظار ۾ بيٺل نظر ايندو هو. جڏهين تہ ڪراچي ۾ وڪالت دوران هو گلشن حديد ۾ ئي رهندو هو. وڪالت ڇڏڻ کانپوء هو پنھنجي پٽ جي نوڪري جي ڪري هتي مسواڙ جي گهر ۾ رهيل هو. پٽ جي حادثي ۾ وفات ٿيڻ کانپوء جڏهين آئون عذر خواهي لاء سندس گهر ويو هوس تہ هن ٻڌايو تہ ان پٽ جي نوڪري جي ڪري ئي هو هت رهيل هو ۽ پوء جيئن تہ سندس لاء هتي رهڻ جو ڪو جواز نہ هو، ان ڪري هو اهو گهر ڇڏي بٺوري هليو ويو.
رنگريز جي هڪ ڌي گلشن حديد ۾ رهندي هئي ۽ سندس ان وٽ اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. جڏهين هو ايندو هو تہ ساڻس فون تي ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي هئي. گذريل سال دسمبر ۾ هو هتي آيو تہ هن مون کي ملاقات ڪرڻ لاء چيو. آئون ساڻس ملاقات لاء ويس. ان وقت بہ هو بيمار هو ۽ گهڻو هلي چلي نہ پيو سگهي. مون کي مقرر جاء تان گهر تائين وٺي اچڻ لاء بہ هن پنھنجي ڌي کي موڪليو. سندس لاء گهڻي دير ويھڻ بہ ڏکيو هو. ڪجهہ دوستن متعلق ڳالھايوسين. مون کي ٻڌايائين تہ هن وقت تائين سندس ڏهاڪو کن ڪتاب شائع ٿي چڪا آهن ۽ سندس آتم ڪٿا جو ٻيو ڀاڱو شائع ٿيو آهي. گهر پھچي مون کيس پنھنجا ٽي ڪتاب موڪليا.
رنگريز پنھنجي ادبي سياسي ۽ ذاتي زندگي ۾ هڪ لاڳيتو ۽ ڊگهو سفر ڪيو آهي. هن نہ رڳو انھن سڀني شعبن ۾ هڪ توازن قائم رکيو آهي پر ڪٿي بہ ٿاٻڙيو ناهي. سندس لکڻيون، سندس دوست سندس ڪل موڙي آهن. هن آخر تائين ڪنھن کان بہ پنھنجي لاء ڪنھن ذاتي فائدي وٺڻ جي ڪوشش نہ ڪئي. کيس هميشہ سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.