آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

اسٽيٽ بينڪ جا دوست (6)

اسحاق انصاري ۽ منير شاه گڏ بينڪ ۾ آيا هئا. اسحاق جي پوسٽنگ اسٽيٽڪس ڊپارٽمنٽ ۾ ٿي هئي. اسحاق سان منھنجي ان جي باوجود تہ هو هڪ ناليوارو ليکڪ هو، ڪابہ ذاتي واقفيت نہ هئي. ايستائين تہ بينڪ جي ڪجهہ ٽريننگ ۾ گڏ بہ هئاسين پر هڪ ٻئي سان ذاتي تعارف نہ ٿي سگهيو. هڪ گڏيل دوست هڪٻئي سان اسان کي ملايو ۽ پوءِ اهو هڪ ويجهو تعلق ۽ دوستي بڻجي ويئي. جيتوڻيڪ اسحاق سان گڏ آفيس ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو نہ مليو، پر هڪ ٻئي سان اڪثر ملاقات ٿيندي هئي. اسحاق جي هڪ خاصيت مون ڏٺي تہ کيس پنھنجي ڪم تي اعتماد هوندو هو. ان ڪري هو وڏن آفيسرن جي گهڻي ڪاڻ نہ ڪڍندو هو جنھن جي ڪري کيس اوسط ساليانون رپورٽون ملنديون هيون. ڪجهہ عرصو هو پرڏيھہ ۾ ڊيپوٽيشن تي پڻ رهيو. هو مون کان ڪجهہ سال پوءِ رٽائر ٿيو ۽ ان کانپوء ڪجهہ عرصو سنڌ بيورو آف اسٽيٽڪس جو ڊائريڪٽر جنرل بہ رهيو. سندس هوندي بيورو جي ڪم ۾ هڪ خاصيتي تبديلي آئي. فيس بڪ ۽ فون وغيرہ تي ساڻس رابطو رهندو آهي.
ڀٽ شاه سان واسطو رکندڙ گل محمد سان محبت جو تعلق رهيو آهي. هو بينڪ جو اهڙو آفيسر آهي جنھن پنھنجي محنت ۽ قابليت سان پنھنجي جاءِ ٺاهي ۽ پاڻ کي مڃرايو. هو ڪراچي لوڪل آفيس ۾ اسسٽنٽ طور آيو ۽ پوء ڪجهہ عرصي کانپوء آفيسرز لاء بينڪ جو امتحان پاس ڪري اسٽيٽ بينڪ ۾ گريڊ ٽو آفيسر ٿيو. سندس پوسٽنگ فارين ايڪسچينج ڊپارٽمنٽ ۾ هئي. ائين ترقي جا ڏاڪا طئي ڪندي هو حيدرآباد ۽ پوء ڪوئيٽا آفيس جو چيف مينيجر بہ ٿيو. منھنجي خيال ۾ ڪوئيٽا شھر جي فرقيوارانا صورتحال جي ڪري گل محمد اتي وڌيڪ رهي نہ سگهيو ۽ وقت کان اڳ بينڪ مان رٽائرمنٽ ورتائين. ڪجهہ عرصو هو بينڪنگ محتسب ۾ بہ رهيو پر اتي بہ کيس مزو نہ آيو ۽ اتان بہ هن استعفا ڏيئي ڇڏي. هن وقت هو حيدرآباد ۾ رهندو آهي ۽ مون سان فيس بڪ تي سندس رابطو هوندو آهي.
عثمان ناريجو جي ڪراچي آفيس ۾ تقرري ٿي هئي. بينڪ جي پاليسي تحت کيس پوزيشن هولڊر هئڻ ڪري آفيسر گريڊ ٽو ڪري اسٽيٽ بينڪ ۾ مقرر ڪيو ويو. هي جوائنٽ ڊائريڪٽر جي عھدي تي پھتو. هن وقت رٽائر آهي. ملڪي سياست سان کيس دلچسپي آهي ۽ پنھنجي اباڻي شھر گمبٽ ۾ هو هن وقت پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي گهڻو ويجهو آهي پر اڃا تائين ڪو عھدو حاصل ناهي ڪري سگهيو. ساڻس فيس بڪ ۽ فون تي رابطو هوندو آهي.
اسٽيٽ بينڪ جي مين بلڊنگ جا هيٺيان ٻہ فلور ڪراچي لوڪل آفيس وٽ آهن، جتي ڪيش ۽ پرائز بانڊ وغيرہ جو ڪم ٿيندو آهي. هتي هونئن تہ بينڪ جي هر ماڻھو جو ڪم پوندو آهي، پر سرڪاري ڪم جي حوالي سان گهٽ ئي انھن سان لھہ وچڙه ۾ اچبو آهي. هتي ڪجهہ دوستن سان تعلق قائم ٿيو جيڪو رٽائرمنٽ کانپوء بہ ڪنھن صورت ۾ قائم آهي. سنڌي بلوچ ملازمن جو گهڻو تعداد لوڪل آفيس ۾ ئي هوندو هو ۽ اهي ئي ان تنظيم ۾ گهڻا سرگرم هوندا هئا. انھن مان ڪجهہ اهڙا هئا جيڪي پنھنجي ليکي سرگرم هوندا هئا ۽ انھن کي ڪنھن تنظيمي عھدي وغيرہ جي ضرورت نہ هوندي هئي، بلڪ اهي پاڻ ئي تنظيم ٿي ويندا هئا. انھن ۾ خاص طور هڪ شبير سومرو هو. شبير ڪجهہ عرصو اسٽيٽ بينڪ جي مختلف شعبن ۾ پڻ ڪم ڪيو هو. هي هڪ متحرڪ ماڻھو هو ۽ آئون نہ ٿو سمجهان تہ بينڪ جو ڪو اهڙو سنڌي ملازم هجي، جنھن سان سندس واسطو نہ هجي. ماڻھن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاء لاڳيتو ڪوششون ڪندو رهندو هو. اهي واسطا کيس سندس انشورنس جي ڪم ۾ پڻ مدد ڪندا هئا. هن وقت بہ هو متحرڪ آهي ۽ وقت بوقت رٽائر ٿيندڙ سنڌي ملازمن جون دعوتون ڪندو رهندو آهي.
الطاف احمد، الطاف شيخ ۽ الطاف بيدار هي منھنجي دوست الطاف جا مختلف نالا آهن. هن سان منھنجي واقفيت بينڪ ۾ اچڻ کان اڳ هئي. هو ڪراچي يونيورسٽي ۾ مون کان هڪ ٻہ سال جونيئر هو. هي ادب سان لاڳاپيل ۽ شوڪت ڪيھر ۽ جاويد ڀٽو جي وڌيڪ ويجهو هوندو هو. ان کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي ۾ پڻ ساڻس هڪ تعلق رهيو. بينڪ ۾ هو مون کان ڪجهہ عرصو پوءِ آيو. اسان ٻيئي گهڻو عرصو مختلف شعبن ۾ رهياسين. رٽائرمنٽ کان ڪجهہ عرصو اڳ هو بينڪنگ انسپيڪشن ۾ آيو ۽ منھنجي ٽيم ۾ رهيو. منھنجو پنھنجن ماتحتن سان تعلق هونئن ئي پنھنجائپ ۽ دوستي وارو هوندو هو ۽ الطاف سان هونئن ئي ويجهو تعلق هو. الظاف جي هڪ ڳالھہ هوندي هئي تہ هو پنھنجو سرڪاري ڪم ايمانداري سان ڪندو هو پر رپورٽن ۽ ٻين فائدن وغيرہ جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪنھن ننڍي وڏي جي ڪاڻ نہ ڪڍندو هو. ھو هڪ خوددار ماڻھو ھو. رٽائرمنٽ کانپوء هن وڪالت شروع ڪئي آهي. ساڻس باقاعدي فون ۽ فيس بڪ تي رابطو هوندو آهي ۽ ڪڏهين ڪڏهين ملاقات بہ ٿي ويندي آهي.