سيارو
پاڻ کي ويڙهي سيڙهي گرم ڪپڙا پائي ٿڌ کان بہ بچبو آهي ۽ اونداهي کي بہ منھن ڏبو آهي. گذريل سال جنوري جي آخر ۾ سيارو ڄڻ ختم ٿي ويو هو پر هن ڀيري ان ڄڻ اڃا زور ورتو آهي. مينھن ۽ تيز هوائن جي ڪري ٿڌ اڃا وڌي ويئي آهي. پارڪ ۾ ماڻھن جو تعداد گهٽجي ويو آهي. جتي يوگا لاء پندرنھن ويهہ ماڻھو هوندا هئا، اتي ان جو اڌ بہ ناهن هوندا ۽ ڪڏهين ڪڏهين تہ ٻہ ڄڻا مس پاڻ ۾ پيا ڏي وٺ ڪندا آهن. ڪجهہ ڏينھن تائين تہ واقعي مون کي ٻاهر نڪرڻ لاء ڪافي ڪوشش ڪرڻي پوندي هئي. شھر ۾ هلندڙ وائرل جي ڪري ٻہ ٽي ڏينھن بيمار پيو هوس. ان هوندي بہ ڪوشش اها هوندي هئي تہ واڪ جي معمول کي برقرار رکجي جيڪو ايستائين ٿيندو آيو آهي. هاڻي ٿڌ ڪجهہ گهٽ ٿي آهي بلڪہ اڄ صبح تہ پگهر پئي نڪتا. پر في الحال موسم تبديلي جي مرحلي ۾ آهي ۽ ان متعلق ڪا اڳڪٿي نہ ٿي ڪري سگهجي.
