آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ٽڪراءَ

اها ڳالھہ منھنجي طبيعت جو حصو آهي تہ آئون گهڻو ڪري ٽڪراء ۽ جهيڙي کان پاسو ڪندو آهيان. ان جي ڪري مون کي گهڻن معاملن ۾ نقصان بہ کڻڻو پوندو آهي. ان ڳالھہ جي مون کي خبر بہ هوندي آهي پر آئون پوء بہ ائين ئي ڪندو آهيان. ان جو هڪ ڪارڻ تہ اهو آهي تہ مون کان ذهني ڇڪتاڻ گهڻي دير تائين سٺي نہ ٿيندي آهي ۽ آئون ان ڪوشش ۾ هوندو آهيان تہ اهڙي صورتحال مان ترت جان آجي ڪجي. مون ٿورو ان ڳالھہ تي ويچار ڪيو تہ مون کي اهو سمجه ۾ آيو تہ شايد اها ڳالھہ منھنجي جينز ۾ شامل آهي. ڇو جو مون کي ياد ٿو پئي تہ منھنجي ڏاڏا جا ڪنھن ماڻھو تي پئسا رهيل هئا جيڪي هو ڏيڻ لا ء تيار نہ هو ۽ ان ڳالھہ جي مون کي خبر هئي. مون هڪ ڀيري کين چيو تہ بابا اوهان ان همراه کان پيسا ڇو نہ ٿا وٺو تہ سندس مون کي اهو جواب هو تہ بابا ڀلي پنھنجو ڀت گهاٽو ڪري اسان کي ﷲ سائين ڏيندو. اها ساڳي توڪل واري ڪيفيت مون پنھنجي بابا ۾ بہ ڏٺي. مختلف موقعن تي جڏهين اهڙي صورتحال مون سان پيش ايندي آهي ۽ منھنجا ٻار مون تي زور ڀريندا آهن تہ ائون ان سلسلي ۾ ڪجهہ ڪيان تہ گهڻو ڪري ڪوشش ڪندو آهيان تہ معاملي کي سٺي نموني حل ڪجي ۽ پوء جيڪڏهين اهو ممڪن نہ هوندو آهي تہ گهڻو ڪري ان معاملي کي اتي ئي ڇڏي ڏيندو آهيان ۽ پنھنجن ٻارن کي بہ چوندو آهيان تہ وڌيڪ جهيڙي ۾ نہ پئن. ممڪن آهي تہ اها منھنجي شخصيت جي ڪمزوري هجي پر بھرحال مون کي ان سان گڏ ئي هلڻو پئي ٿو.