آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

سنڌي ٻولي ۽ ڪراچي جا اسڪول

اسڪولن ۾ سنڌي ميڊيم ۾ تعليم، خاص طور ڪراچي شھر ۾ نئين ملڪ جي ٺھڻ جي ڪجهہ عرصي کانپو۽ بلڪ ائين چئجي تہ ايوب خان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپو۽ هڪ بحران جو شڪار ٿي ويئي. ان ۾ سنڌي مضمون جي لازمي حيثيت کي ختم ڪرڻ، گهڻن سنڌي ميڊيم اسڪولن کي ختم ڪرڻ يا انھن کي اڙدو ميڊيم اسڪولن ۾ تبديل ڪرڻ وغيرہ شامل هو. پر ان سان گڏوگڏ هڪ اهم نفسياتي عنصر رياست پاران اڙدو جي پٺڀرائي ۽ سنڌي ۽ ٻين ٻولين کي پوئتي رکڻ هو.
ان جو خاص طور اثر اهو ٿيو تہ ملير، لياري ۽ ٻين علائقن ۾ جيڪي سنڌي ۽ بلوچ خاندان پنھنجن ٻارن کي سنڌي ميڊيم ۾ تعليم ڏياريندا هئا، انھن مان بہ گهڻن پنھنجي ميڊيم تبديل ڪري ڇڏي. ان کان اڳ لياري جي ڪاٺياواڙي ميمڻن مان بہ ڪجهہ گجراتي ۽ ڪجهہ سنڌي ميڊيم ۾ پڙهندا هئا. انھن مان ڪجهہ منھنجا ڪلاس فيلو بہ هئا.
ملير ۽ لياري ۾ گهڻا سنڌي ميڊيم اسڪول هئا ۽ اتان جا بلوچ ۽ سنڌي انھن اسڪولن ۾ ئي پڙهندا هئا. اهو سلسلو گهڻي عرصي تائين هلندو رهيو. هن وقت بہ مون کان اٽڪل پندرنھن ويهہ سال ننڍا اهڙا همراه آهن، جيڪي ساڳي وقت سنڌي ۽ بلوچي رواني سان ڳالھائي ۽ لکي پڙهي سگهن ٿا.
پر اها صورتحال آهستي آهستي تبديل ٿيڻ شروع ٿي. ڪجهہ سنڌي ۽ بلوچ معاشي طرح سان سکين گهراڻن پاڻ کي پنھنجن ٿوري گهٽ حيثيت وارن مائٽن وغيرہ کان مٿڀرو ۽ ڌار ڏيکارڻ لاءِ پنھنجن ٻارن کي اڙدو ميڊيم ۾ ٽرانسفر ڪيو، جيئن اڄڪلھہ هر ڪو مائٽ پنھنجن ٻارن لاءِ انگلش ميڊيم جي چڪر ۾ ورتل آهي، ۽ پوءِ اهي ڪھڙي پاسي بہ نہ ٿا رهن. اسان ۽ منھنجي چاچي جا ٻار ساڳي اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين. هتي اسڪول ۾ سنڌي، اڙدو ۽ گجراتي ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. منھنجي چاچي پنھنجن ٻارن جي ميڊيم تبديل ڪرائي، اڙدو ڪري ڇڏي، جڏهين تہ اسان ساڳي سنڌي ميڊيم ۾ پڙهندا رهياسين. ليکڪ ۽ منھنجو دوست رمضان بلوچ اٽڪل منھنجو هم عمر آهي. هن هڪ ڀيري ڳالھہ ڪئي تہ منھنجي وڏي ڀاءُ سنڌي ميڊيم ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي، پر منھنجي پي مون کي اڙدو ميڊيم ۾ داخل ڪرايو جنھن جي ڪري مون کي سنڌي لکڻ پڙهڻ نہ ٿي اچي.
ائين بہ نہ هو تہ سنڌي ٻولي جي حوالي سان صفا اوندہ هئي. شھر ۾ ٽي وڏا اسڪول حاجي عبدﷲ هارون، سنڌ مدرسو ۽ اين جي وي هئا، جتي خاص طور سنڌي ميڊيم ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. اسان جي علائقي نوآباد مان خاص طور ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اين جي وي اسڪول ويندا هئا. پر اها صورتحال گجراتي سان نہ هئي. انھن اسڪولن ۽ خاص طور حاجي عبدﷲ هارون ۽ سنڌ مدرسي ۾ گجراتي ميديم هئي، پر مائٽن پنھنجن ٻارن کي ان ۾ داخل ڪرائڻ بجائي اڙدو ميڊيم ۾ داخل ڪرائڻ شروع ڪيو هو. ڪراچي مان ٽي گجراتي اخبار ڊان، ملت ۽ وطن نڪرندا هئا، جيڪي ڪي پوڙها پڙهندي نظر ايندا هئا ۽ پوءِ اهي اخبارون بہ بند ٿي ويون.
اهي ڪراچي ۾ سنڌي ڳالھائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جون ايتريون واضح شيون هيون، جيڪي ڪنھن کي بہ نظر اچي سگهيون ٿي. پر حيرت جي ڳالھہ اها آهي تہ اهي گهڻن سنڌي اديبن کي نظر نہ ٿي آيون. منھنجي گهڻو عرصو اڳ پي ٽي وي جي اڳوڻي جنرل مينيجرعبدالڪريم بلوچ سان ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي اخبارن جي نمائش جي سلسلي ۾ ملاقات ٿي هئي. ان ملاقات ۾ سندس چوڻ هو تہ ڪراچي ۾ ڪو سنڌي ڳالھائيندڙ ورلي ملندو هو ۽ جيڪڏهين ڪنھن کي سنڌي ڳالھائيندي ٻڌنڌا هئاسين تہ ان جي پويان وڃي کيس گهر تائين ڇڏي ايندا هئاسين. اهو ساڳيو موقف امرجليل جو هو جنھن جو چوڻ هو تہ بندر روڊ تي ڪو ورلي سنڌي ڳالھائيندي نظر ايندو هو. حالانڪہ بندرروڊ تي ئي سنڌي ميڊيم اين جي وي هائي اسڪول موجود هو، جنھن سان شايد امرجليل جو بہ واسطو رهيو هو. ساڳي ريت ڀرپاسي ۾ ئي سنڌ مدرسو هو. ان کانسواء اسان جي پاڙي ۾ امرجليل جا مائٽ رهندا هئا ۽ سندس اتي اچڻ وڃڻ هوندو هو. اتان جي هڪ ڪردار ناني ڪنوار جو بہ هن پنھنجي ڪنھن ڪھاڻي يا ڪالم ۾ ذڪر ڪيو آهي. دراصل ڪراچي کان ٻاهران آيل سنڌين کي اها خوشفھمي يا غلطفھمي هئي ۽ آهي تہ ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي کي انھن بچايو نہ تہ ڪراچي جي سنڌ کان ڌارٿيڻ ۽ ون يونٽ کانپوءِ هتي سنڌي ٻولي ختم ٿي ويئي هئي.
سنڌي اعليٰ طبقي جو تہ اهو حال آهي تہ انھن جي لاءِ ٻولي ڪو مسئلو ناهي. تازو هڪ نالي واري ليکڪا ۽ سياسي ۽ سماجي ورڪر هڪ ادبي تقريب ۾ وڏي واڪ اها ڳالھہ ڪئي تہ سندس ٻارن کي سنڌي ڳالھائڻ بہ نہ ٿي اچي. اهڙي ريت اهو ساڳي وقت هڪ طبقاتي مسئلو بہ آهي.
ٻولي جي حوالي سان خاص طور ڪراچي ۽ اتي رهندڙ سنڌين، اتان جي اسڪولن ۽ ٻين ادارن جي ڪردار کي پوري سياق وسباق ۾ ڏسڻ گهرجي. ٻولي جي بقا ۽ ان جي ترقي ۾ انھن ماڻھن جو وڏو ڪردار آهي.