آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

اسٽيٽ بينڪ جون يادگيريون (5)

هن ڊپارٽمنٽ ۾ انسپيڪشن لا۽ خاص طور شھر کان ٻاهر وڃڻ جي هڪ ڪشش هئي. ٻاهر گهمڻ ڦرڻ کانسوا۽ ٽي اي ڊي اي جي صورت ۾ هڪ چڱي رقم ملندي هئي ۽ مختلف ماڻھن سان ملڻ جو موقعو ملندو هو. بينڪ پاران ان سلسلي ۾ اها سھولت ڪئي ويئي هئي تہ اڳ جيان هوٽلن جا بل وغيرہ جمع ڪرائڻا نہ پوندا هئا جنھن جي لاء گهڻا ڪوڙ ڳالھائڻا پوندا هئا. هڪ خاص رقم آفيسرن کي سندن گريڊ جي حساب سان ڏني ويندي هئي. پر جيڪو ڪم منھنجي ٽيم وٽ هو ان ۾ اهڙي ڪا ڳالھہ نہ هئي. بينڪن جي هيڊ آفيسن، جيڪي گهڻو ڪري ڪراچي ۾ ئي هيون، ۾ ئي اهو ڪم ڪرڻو پوندو هو. ان ڪري هتي خاص طور تي جيڪي نوان آفيسر آيا ٿي، انھن جڏهين پنھنجن دوستن کي فائدا وٺندي ڏٺو ٿي تہ انھن کي مايوسي بہ ٿي ٿي ۽ انھن احتجاج بہ ڪيوٿي، پر ان جو فوري طور ڪو نتيجو نہ نڪتو. مون کي هتي هڪ فائدو اهو ٿيو تہ مون کي پھرين ڪراچي ۽ پوءِ اسلام آباد ۾ پھرين ٽن هفتن ۽ پوء اٺ هفتن جي ٽريننگ تي موڪليو ويو. ان کانسواءِ ڪجهہ ٽريننگ هڪ هفتي جون بہ هيون. پنھنجي پيشہ ورانہ ڄاڻ وڌائڻ سان گڏ ان ۾ گهڻن اترين علائقن کي ڏسڻ جو موقعو پڻ مليو، جنھن جا تفصيل مون پنھنجن مختلف مضمونن ۾ لکيا آهن.
ساڳي وقت ڪجهہ وقت کانپوءِ مون کي انسپيڪشن جي مک ڌارا ۾ شامل ڪيو ويو، جنھن دوران مختلف ماڻھن سان واسطو پيو ۽ خاص طور پنجاب جي جي ٽي روڊ، پشاور ۽ ان جي پسگردائي ۾ قبائلي علائقن ۾ وڃڻ ۽ گهڻين تاريخي جاين وغيرہ کي ڏسڻ جو موقعو مليو.
گورنر ڊاڪٽر يعقوب جي دور کان بينڪ انتظاميا پاران بينڪ جي ملازمن سان لاڳاپيل پاليسين ۾ ايتريون تڪڙيون تبديليون ڪيون پئي ويون، جو اها پڪ نہ هوندي هئي تہ جيڪا پاليسي اڄ آهي، اها ڪيترو عرصو برقرار رهندي. اها ڳالھہ عشرت حسين جي دور ۾ بہ رهي، بلڪ ان ۾ اڃا تيزي اچي ويئي. ان دوران بينڪ پاران پروموشن پاليسي ۾ تبديلي ڪئي ويئي، پر اها پاليسي ايندڙ سال کان لاڳو ٿيڻي هئي. پراڻي پاليسي تحت اسان ٻہ سنڌي آفيسر پروموشن جا اهل هئاسين. گورنر غشرت حسين بجائي ان تي عمل ڪرڻ جي اسان تي نئين پاليسي لاڳو ڪئي ۽ اهڙي ريت اسان کي پروموشن نہ ملي سگهي. ان تي گورنر تي گهڻي تنقيد ٿي ۽ نتيجي ۾ کيس ايندڙ سال اسان ٻنھي کي پروموشن ڏيڻي پئي. آئون جولائي 2014 ۾ رٽائر منٽ تائين انھي ڊپارٽمنٽ ۾ رهيس.
منھنجي اپائنٽمنٽ ريسرچ ڊپارٽمنٽ لاءِ ٿي هئي. اهو بينڪ جو خاص شعبو هو، جتان ٻئي ڪنھن ڊپارٽمنٽ ۾ ٽرانسفر ٿيڻ ممڪن نہ هوندو هو، پر وقت سان گڏوگڏ اها پاليسي تبديل ٿي ويئي. ڪجهہ سالن کانپوء جنوري 1990 ۾ اتان ٽرانسفر ٿيڻ کانپوءِ وري ان ڊپارٽمنٽ ۾ نہ ويس. ان جي باوجود عجيب ڳالھہ اها هئي تہ سڄي بينڪ ۾ منھنجي سڃاڻپ ريسرچ ڊپارٽمنٽ جي حوالي سان هئي پر ريسرچ ڊپارٽمنٽ، جتي منھنجي وڃڻ کانپوءِ گهڻيون تبديليون آيون هيون ۽ گهڻا نوان آفيسر آيا هئا، مون کي ريسرچ جي حوالي سان نہ سڃاڻندا هئا. هن وقت بہ ڊپارٽمنٽ پاران جيڪو واٽس اپ گروپ ٺاهيو ويو آهي، ان ۾ منھنجو نالو شامل ناهي.
منھنجي بينڪ جوائن ڪرڻ کان اڳ هتي سنڌي بلوچ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن (سبيوا) هوندي هئي. ان وقت جيئن تہ بينڪ ۾ سنڌي بلوچ ملازمن جو تعداد گهڻو نہ هو ان ڪري ان جو گهڻو نالو ۽ سرگرمي بہ نہ هئي. 1980 جي ڏهاڪي کان ڪوٽا سسٽم تي عمل ٿيڻ جي ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن مان هتي ماڻھو آيا ۽ اهڙي ريت سنڌي ۽ بلوچ ملازمن جي تعداد ۾ گهڻو واڌارو ٿيو ۽ سبيوا جون سرگرميون منظر تي اچڻ لڳيون. مون کي ان ۾ نہ تہ ڪا گهڻي دلچسپي هئي ۽ نہ ئي ان متعلق ڪا گهڻي ڄاڻ هئي. ڪجهہ وقت کانپوءِ مون سان گڏ ڪم ڪندڙ هڪ سنڌي دوست مون کي ٻڌايو تہ تنھنجي متعلق سبيوا ۾ بحث هلندڙ آهي تہ آيا هن کي ميمبر ڪري سگهجي ٿو يا نہ. مسئلو اهو هو تہ انھن مان گهڻن کي اها پڪ نہ هئي تہ هي واقعي سنڌي آهي يا ڪاٺياواڙي ميمڻ آهي. منھنجي هن دوست جڏهين منھنجي سنڌي هئڻ جي تصديق ڪئي ۽ کين ٻڌايو تہ هي سنڌي جو ليکڪ آهي تہ پوءِ انھن مون سان رابطو ڪيو ۽ مون کي ميمبر ڪيو. آئون هونئن ئي ان ٽريڊ يونين ۽ ايسوسيئيشن وغيرہ جي سرگرمي کان پري رهيو آهيان. ان ڪري منھنجي ميمبر هئڻ نہ هئڻ سان ڪو گهڻو فرق نہ ٿي پيو. باقي مختلف موقعن تي هو مون کان چندو ۽ في وغيرہ وٺي ويندا هئا. بھرحال ان جي ڪري منھنجي گهڻن سنڌي دوستن سان واقفيت ٿي ۽ تعلق پيدا ٿيو جيڪو هونئن نہ ٿئي ها ۽ اهو تعلق ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ اڃا بہ باقي آهي.