اسٽيٽ بينڪ جا دوست (3)
شميم فضل پاٽولي بہ منھنجي ڀيچ ميٽ هئي. هو سنڌ يونيورسٽي جي گريجويٽ ۽ شايد عثمان بلوچ جي ڪلاس فيلو هئي. ڊپارٽمنٽ گهڻي ڀاڱي مڙدن تي مشتمل هو، پر منجهس اها خاصيت هئي تہ هو هرڪنھن سان برابري جي سطح تي ڳالھائيندي ۽ ورتاءُ ڪندي هئي. هن وقت ساڻس ڪو رابطو ناهي. آئون سمجهان ٿو تہ رٽائر منٽ کانپوء شايد هو آمريڪا يا ڪينيڊا هلي ويئي آهي.
غلام قادر تونيو اسٽيٽ بينڪ ۾ اچڻ کان اڳ ايئرپورٽ سيڪيوريٽي فورس ۾ هو. سندس طبيعت ۾ هڪ اڳرائي هوندي هئي، جيڪا ڪنھن حد تائين اڃا بہ آهي. هو سنڌ يونيورسٽي ۾ غلام حسين خاصخيلي جو ڪلاس فيلو ۽ دوست هو. ٻنھي جي طبيعت ۽ مزاج ۾ زمين آسمان جو فرق هو. خاصخيلي جي چوڻ موجب سندس دوست حيران هوندا هئا تہ طبيعتن ۾ ايڏي فرق هئڻ باوجود اهي ڪيئن هڪ ٻئي جا دوست هئا. بھرحال سندن اها دوستي اڃا تائين بہ ساڳي ريت برقرار آهي. سندس آفيسر بہ ساڻس احتياط سان ڳالھائيندا هئا. پر سندس بي تڪلف دوست اهو احتياط نہ ڪندا هئا. مون سان سندس ڪنھن حد تائين ويجهڙائپ هوندي هئي. هڪ ڀيري بينڪ جي ٻہ ٽي ڏينھن جي موڪلن دوران اسان ٻيئي ڪوئيٽا ۽ زيارت گهمي ڦري آياسين. ٻين گهڻن آفيسرن جيان هن جي بہ ريسرچ مان بدلي ٿي ۽ هو اسلام آباد آفيس سميت ٻين مختلف هنڌن تي چيف مينيجر ۽ ٻين عھدن تي رهيو. هن سٺ سال پوري ٿيڻ کان اڳ ئي بينڪ مان رٽائر منٽ ورتي. هاڻي بہ ساڻس فون تي رابطو هوندو آهي ۽ ڪڏهين ڪنھن تقريب وغيرہ ۾ ملاقات بہ ٿي ويندي آهي.
فياض اعظم جو واسطو چارسدہ سان هو. هي انھن ماڻھن مان هو جيڪي اسٽيٽ بينڪ جي آفيسري کي بہ سرڪاري آفيسري جيان سمجهندا آهن. هو اڃا نئون آيو هو ۽ سندس ذهن ۾ اها ئي ڳالھہ هئي. هڪ پٽيوالي جي سندس مھمان آڏو چانهہ آڻڻ کان انڪار ڪرڻ تي هن ان کي چماٽ وهائي ڪڍي. اها ڳالھہ سندس ڳچي ۾ پئجي ويئي. هو اڃا نوڪري ۾ پڪو بہ نہ ٿيو هو. ڪلاس فور جي يونين گورنر کان کيس ڊسمس ڪرڻ جي گهر ڪئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر نيازي سندس بچاءَ لاء اڳتي آيو. ان پٽيوالي پشاور بدلي لاء درخواست ڏني هئي. نيازي ان شرط تي سندس درخواست کي اڳتي وڌائڻ لاءِ چيو تہ هو فياض خلاف پنھنجي شڪايت واپس وٺندو. اهڙي ريت سندس جان ڇٽي ۽ نوڪري بچي ويئي. ريسرچ مان منھنجي بدلي ٿيڻ جي ڪجهہ وقت کانپوءِ فياض جي بہ اتان بدلي ٿي ويئي. هو بينڪنگ انسپيڪشن ۾ بہ منھنجو ڪليگ رهيو. رٽائرمنٽ کانپوءِ هن وقت هو پنھنجي ڳوٺ ۾ ئي رهي ٿو.
اسلم خان سان منھنجو ڪم جي حوالي سان گهڻو واسطو نہ رهيو پر هو منھنجو هڪ سٺو دوست رهيو. هڪ صاف سٿرو ۽ واضح سوچ وارو ماڻھو. پنھنجي ڪم ۾ ايماندار. هن بينڪ جي پاليسي تحت پنجونجاه سال جي عمر ۾ رٽائرمنٽ ورتي ۽ ڪراچي ۾ پنھنجو گهر وڪڻي ڳوٺ لڪي مروت هليو ويو.
سعيد خان جي وفات جي خبر اوچتي ۽ مون کي صدمي ۾ وجهڻ واري هئي. جيتوڻيڪ اسان گڏ ڪم نہ ڪيو هو پر اسان جو هڪٻئي سان ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ جو ساٿ هو. حقيقت ۾ هو منھنجو هڪ ويجهو دوست هو. هو هڪ موتمار روڊ حادثي جو شڪار ٿيو. مھينو کن هو اسپتال ۾ بيھوش هو. سندس واسطو بلوچستان جي علائقي لورالائي سان هو. اسٽيٽ بينڪ جي ريسرچ ڊپارٽمنٽ ۾ اچڻ کانپوءِ کيس ڪوئيٽا آفيس ۾ تعينات ڪيو ويو. جڏهين بہ ڪنھن ڪم ڪار سان ڪوئيٽا وڃڻ ٿيندو هو تہ ساڻس ملاقات ٿيندي هئي ۽ هو دوستن جو کليل دل سان آڌرڀاء ڪندو هو. گهڻو عرصو هو نباف جي اسلام آباد ۽ ڪراچي ڪيمپس ۾ رهيو. اسان ڪجهہ ٽريننگ ۾ بہ گڏ هئاسين ۽ هڪٻئي سان سٺو وقت گذاريوسين. اسان جي عمر بہ اٽڪل ساڳي هئي ۽ ٻيئي 2014 ۾ رٽائر ٿياسين. ان کانپوءِ بہ ساڻس منھنجو رابطو رهندو هو ۽ مختلف معاملن تي ساڻس صلاح مصلحت ڪندو هوس. آخري ڀيرو ساڻس شايد نومبر 2022 ۾ ڳالھہ ٻولھہ ٿي. ان وقت هو لورالائي ۾ هو ۽ مون کي چيائين تہ هو جنوري ۾ ڪراچي ايندو تہ پوء دوستن جي گڏجاڻي رکنداسين، پر ائين ٿي نہ سگهيو. سندس وفات منھنجي لاءِ ڄڻ ذاتي نقصان آهي. ﷲ سائين سندس مغفرت فرمائي.
