آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڪوئل

گهر جي ٻاهران ويٺي مون مختلف پکين کي ڏٺو. ڪوئل جي ڪوڪ جو عام طور هڪ رومانوي تصور آهي ۽ آئون پاڻ ائين سمجهندو آهيان. منھنجي خيال ۾ اهي جيئن تہ پنھنجي جسماني بيھڪ وغيرہ ۾ جهرڪين جيان آهن، ان ڪري اهي سندن دوست آهن. پر ان ڏينھن مون کي پنھنجو اهو خيال بدلائڻو پيو، جڏهين مون ڏٺو تہ ڪانگن سان گڏجي انھن جهرڪين کي داڻي کائڻ کان پري پئي ڀڄايو.
ٻہ ٽي اڳ مون بي بي سي جي ويب سائيٽ تي هڪ رپورٽ ڏٺي هئي، جنھن ۾ اهو ڄاڻايل هو تہ پاڪستان ۽ هندوستان ۾ ڪوئل، جنھن کي چيو ئي انڊين ڪوئل ويندو آهي، جو تعداد گهٽيو آهي ۽ نار ۽ ٻين عرب ملڪن ۾ انھن جو تعداد وڌي رهيوآهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايل هو تہ جيئن تہ اهو هڪ شڪاري پکي آهي، جيڪو ٻين پکين ۽ ماحول جي لاء هاڃيڪار آهي، ان ڪري اهي ملڪ ان صورتحال جي ڪري پريشان آهن ۽ ان جي تدارڪ لاء مختلف قدم کڻي رهيا آهن. حقيقت ۽ رومانس ۾ ڪيترو نہ فرق آهي.