منھنجي لاء تعليم جي اهميت
منھنجي گهڻي دلچسپي پڙهائي ۾ نہ هوندي هئي. اسڪول مان موٽڻ کان پوء ڪجهہ وقت لاء پاڙي ۾ ادي يا ڪنھن ٻي بزرگ عورت وٽ قرآن مجيد جي تعليم لاء ويندو هوس، پر اهو سلسلو باقاعدي نہ هوندو هو. باقي سڄو وقت گهٽين ۽ ڀر ۾ ڊي سي ٽي او اسڪول جي ميدان ۾ دوستن سان ڪرڪيٽ، هاڪي، فوٽ بال، اٽي ڏڪڙ ۽ ڪنچا راند ڪندي گذرندو هو. گهر جي سامھون ماما صالح جي تعميري بلاڪن ٺاهڻ جو واڙو هوندو هو جنھن جي ريتي بجري جا ٻاهر ڍير لڳا پيا هوندا هئا. هتي پاڙي جا گهڻا ٻار مٽي سان پيا راند ڪندا هئا. ان ۾ ڪپڙا خراب ۽ چپل وغيرہ مٽي ۾ دٻجي گم ٿي ويندا هئا. بلاڪ ٺاهڻ وارو مستري، جيڪو اتي ئي رهندو هو، روزانو جنگ اخبار گهرائيندو هو. ائين بہ ٿيندو هو تہ ڪڏهين ڪڏهين دروازي جي وٿي مان اٽڪل ڪري خبرن ۽ ڪھاڻين وغيرہ پڙهڻ لاء اها اخبار ڪڍي وٺندا هئاسين. ڪڏهين پاڙي ۾ ڪنھن دوست جي گهر هليا ويندا هئاسين ۽ اتي ئي ماني وغيرہ کائيندا هئاسين. گهر وارن کي ٻار جو ڪو فڪرنہ هوندو هو. کين دلجاء هوندي هئي تہ پاڙي ۾ ئي ڪنھن گهر ۾ هوندو.
مائٽن اهو سوچيو تہ اسڪول مان اچڻ کانپوء هي سڄو وقت راند روند ۽ رلڻ پنڻ ۾ گذاري ٿو ان کي ڪنھن ڪم ڪار ۾ مصروف ڪجي. پاڙي ۾ منھنجي هڪ ڪاٺياواڙي دوست جي ڪپڙا مارڪيٽ ۾ ڄاڻ سڃاڻ هئي. هن کارادر جي مڇي مياڻي مارڪيٽ ۾ هڪ ڪپڙي جي دوڪان تي مون کي وڃي ويھاريو. منھنجي لاء اهو نئون ڪم هو ۽ مون کي ڪپڙن جا تاڪيا کولڻ، گراهڪ کي ڏيکارڻ ۽ وري ان کي ويڙهڻ وغيرہ جي ڪا خبر نہ هئي جڏهين تہ دوڪاندار کي اهڙي ماڻھو جي ضرورت هئي جيڪو اهي سڀ ڪم ڪري سگهي. هن ان ڏينھن ئي شام جو منھنجي دوست کي چيو تہ سڀاڻي هن کي وٺي اچڻ جي ضرورت ناهي. اهڙي ريت منھنجي پھرئين ڪم جي شروعات ۽ پڄاڻي هڪ ئي ڏينھن ۾ ٿي ويئي.
منھنجي چاچي جو کٽمٺڙن وغيرہ ٺاهڻ جو ڪارخانو هو. هتي منھنجا ٻيا سوٽ بہ ڪم ڪندا هئا. مون کي بہ اتي ڪم ڪرڻ جو شوق ٿيو. پر ٻہ ٽي ڏينھن کانپوء چاچي بہ محسوس ڪيو تہ هي سندس ڪم جو ماڻھو ناهي. اهڙي ريت اتان بہ ڪنھن بھاني آئون فارغ ٿي ويس.
رازڪو ڪم اسان جو خانداني پيشو رهيو آهي. منھنجو ڏاڏو بہ اهو ڪم ڪندو هو ۽ بابا، ڪجهہ چاچا، منھنجا ٻہ ڀائر ۽ ٻہ ٽي سوٽ بہ ان پيشي سان لاڳاپيل هئا. ان ڪري مصروفيت جي لاء مون پنھنجي ننڍي چاچي سان ڪم جي شروعات ڪئي. پر ريتي بجري ۽ سيمينٽ وغيرہ ملائڻ ۽ تغاريون ۽ ڦاهوڙا وغيرہ کڻڻ جو ڪم مون کان زور هو. ٻہ ٽي ڏينھن ۾ ئي چاچا ۽ مون سمجهي ورتو تہ اهو ڪم مون کان نہ ٿيندو.
کارادر ۾ پنج نمبر ٽانڪي ۽ اثنا عشري مسجد جي ويجهو بابا ۽ سندس پارٽنر چاچا خميسي جو دوڪان هو جتي هو روز شام جو ڪم تان موٽي اچي ويھندا هئا. هتي چاچا خميسي جا ڀائر ۽ پٽ ڏينھن ۾ ويھندا هئا جيڪي پلمبر جو ڪم ڪندا هئا. بابا مون کي بہ فارغ وقت ۾ هتي ويھاري ڇڏيو. منھنجي اتي هئڻ ڪري اڳ اتي موجود همراهن کي اهو فڪر ٿيو تہ متان هي اسان جي ڪم ۾ مداخلت نہ ڪري، ان ڪري اهي مون سان گهٽ لھہ وچڙه ۾ ايندا هئا. جڏهين تہ منھنجو اهڙو ڪو ارادو نہ هو. ڪجهہ وقت کانپوء مسجد جي توسيع جي ڪري بابا اهو دوڪان وڪڻي ڇڏيو ۽ آئون وري فارغ ٿي ويس.
سوال اهو هو تہ هاڻي ڇا ڪجي. پر ان دوران ئي هڪ بھتر تبديلي واقع ٿي. اسڪول ۾ منھنجي دوستي ۽ ويجهڙائپ ڪجهہ اهڙن شاگردن سان ٿي، جن جي صحبت ۾ منھنجو لاڙو لائبريرين، ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن ڏانھن ٿي ويو. آئون جيڪو هيستائين هر ڪلاس ۾ پروموٽ ٿيندو آيو هوس، اٺين ۾ اسڪول جي امتحانن ۾ پھريون نمبر آيس. جنھن جي ڪري اسڪول جي هڪ تقريب ۾ مون کي ٽن ڪتابن جو هڪ سيٽ انعام طور ڏنو ويو. اهو هڪ لحاظ کان منھنجي زندگي جو فيصلي ڪن موڙ هو. منھنجيون دوستيون ۽ مصروفيتون بدلجي ويون. مون کي ان جي ڪري جيڪا موٽ ملي هئي، ان منھنجي لاء اها گنجائش ئي نہ ڇڏي هئي تہ آئون وري پوئتي مڙي ڏسان يا پوئتي موٽان.
هن عمر ۾ آئون سوچيان ٿو تہ دنيا ۾ ٻئي ڪنھن ڪم جو تہ آئون نہ هوس. جيڪڏهين آئون پڙهائي ۽ تعليم واري پاسي نہ اچان ها تہ آئون ڪھڙي ڪم جو هجان ها ۽ ڇا ڪري سگهان ها.
