آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

منھنجا ٻار

منھنجي شادي آگست 1980 ۾ ٿي. ان وقت منھنجي عمر اٽڪل ڇويهہ سال هئي. ڪراچي يونيورسٽي مان ماسٽرز ڪرڻ کانپوء ڏيڍ سال کن سنڌ ريجنل پلان ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوء سيپٽمبر 1979 ۾ اسٽيٽ بينڪ جوائن ڪئي هئي. اها ماسات سان هڪ ارينج ميريج هئي. ٻارنھن جولاء 1981 تي مون کي پھريون پٽ طاهر ڄائو. اٽڪل ست سالن جي وقفي کانپوء 15 مئي 1988 تي ٻيو پٽ انس ڄائو ۽ ان کان اٽڪل پنج سال پوء 28 آڪٽوبر 1993 ۾ ڌي رابعہ ڄائي. مون کي اهي ٽي ٻار آهن. ان شادي کي اٽڪل ٽيتاليھ سال گذري چڪا آهن.
آئون اٽڪل سترنھن سال تہ امان بابا سان گڏ رهيس. ان ڪري گهر ديرسوير اچڻ ۽ ضرورت جي شين وغيرہ وٺڻ جو ڪو گهڻو اونو نہ هوندو هو. ساڳي ريت پنھنجين ادبي سرگرمين ۽ لکڻ پڙهڻ جي ڪمن ۾ مصروف رهڻ بہ ڪو مسئلو نہ هوندو هو.
آئون 27 نومبر 1997 تي بغدادي مان گلشن حديد آيس. هڪ تہ اهو علائقو مائٽن مٽن ۽ شھر کان پري آهي ۽ ٻيو تہ آفيس جي ڪمن وغيرہ جي سلسلي ۾ مون کي اڪثر شھر کان ٻاهر وڃڻو پوندو هو. ان صورتحال ۾ گهر جي معاملن ۽ ٻارن جي سنڀال وغيرہ جي ذميواري منھنجي زال جي ئي هوندي هئي. ان وقت ٻارن مان طاهر مئٽرڪ ۾ هو، جڏهين تہ ٻيئي ننڍا اڃا ابتدائي ڪلاسن ۾ هئا. طاهر سنڌي مسلم سوسائٽي جي شاه عبدالطيف اسڪول ۾ مئٽرڪ جو شاگرد هو ۽ اڃا سندس امتحانن وغيرہ ۾ ڪجهہ مھينا باقي هئا. ان وقت هتي ڪنھن اسڪول وين وغيرہ جو بندوبست نہ هو ان ڪري کيس پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ ئي سفر ڪرڻو پوندو هو. هڪ تہ طاهر اسان جو پھريون ٻار هو ۽ ٻي ڳالھہ تہ سندس ڄمڻ جي اٽڪل ست سالن کانپوء ٻيو ٻار ٿيو. ان ڪري هو اسان جي وڌيڪ ويجهو رهيو ۽ گهڻو لاڏ ڪندو هو. ڪوشش ڪندا هئاسين تہ سندس ننڍيون ننڍيون خواهشون پوريون ڪجن. جوائنٽ فيميلي هئڻ ڪري هو گهڻو وقت منھنجي وڏن ڀائرن جي ٻارن سان وقت گذاريندو هو ۽ هن وقت بہ هو انھن جي گهڻو ويجهو آهي.
هواڃا ٻن سالن جو مس هو تہ اسان کيس کارادر ۾ جان ڀائي ڪنڊرگارٽن ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. اهو آغاخان اسڪول سسٽم جو هڪ حصو هو. اهو مڙيئي کيس اسڪول داخل ڪرائڻ جو شوق هو. هتي ٻار جي سنڀال ۽ راند روند جو بندوبست هوندو هو. هتي ٻار کي موڪلڻ جو هڪ مقصد اهو بہ هوندو هو تہ ٻار کي گهٽ ۾ گهٽ اسڪول وڃڻ جي عادت پئي. هتي پنھنجي استادن سان سنڌي گاڏڙ اڙدو ۾ ڳالھائيندو هو. هڪ ڀيري استاد جڏهين کانئس پڇيو تہ هو ڇا کائيندو تہ هن جواب ڏنو تہ مس مين ساني ( (Prawn ڪا ڀت کائون گا. اسان اڃا اها ڳالھہ ڪري کيس چيڙائيندا آهيون. ڪجهہ عرصي کانپوء کيس سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ شاه عبدالطيف اسڪول ۾ ابتدائي ڪلاسن ۾ داخل ڪرايو سين جتي اڳ ئي منھنجي وڏي ڀاء جا ٻار پڙهي رهيا هئا. هن مئٽرڪ هتان ڪئي. ڪجهہ عرصو مقامي ڪاليجن ۾ پڙهي هن ايم بي اي محمد علي جناح يونيورسٽي مان ڪئي. هن وقت هو زيبسٽ ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. 2007 ۾ طاهر جي شادي ٿي. هن وقت کيس ٽي پٽ ۽ هڪ ڌي آهن.
منھنجو ٻيو پٽ انس گلشن حديد منتقل ٿيڻ وقت نو سالن جو مس هو. ان وقت هو کارادر جي آغا خان اسڪول ۾ پڙهي رهيو هو. ان ماحول سان هو گهڻو مانوس هو ۽ اتي سندس دوست وغيرہ بہ هئا. شروع ۾ هو گلشن حديد جي ماحول کي قبول نہ ڪري سگهيو ۽ واپس وڃڻ جا بھانا پيو ڳولھيندو هو. مختلف اسڪول بدلايا پر مون کي محسوس ٿيندو هو تہ کيس هتي آڻي مون ساڻس زيادتي ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ سندس ماء کي گهڻي محنت ڪرڻي پيئي. منھنجي وڏي پٽ جي ڀيٽ ۾ هي وڌيڪ آزاد منش ۽ Extrovert آهي. ڪنھن بہ غلط ڳالھہ ڏانھن سندس لاڙو وڌيڪ هوندو هو. ان ڪري کيس وڌيڪ توجھہ ۽ وقت ڏيڻ جي ضرورت هئي. هڪ مثبت انداز ۾ پيار ۽ محبت سان سندس تربيت جي ضرورت هئي. ان ڳالھہ ۾ سندس ماء جو وڏو ڪردار آهي. ڪوشش اها هوندي هئي تہ مٿس زوري ڪا ڳالھہ نہ مڙهي وڃي،ِ کيس گنجائش ڏني وڃي ۽ پنھنجي مرضي سان پڙهائي وغيرہ ڪرڻ ڏني وڃي. انھن ڳالھين جو هن مثبت ردعمل ڏنو ۽ ڪنھن ڳالھہ ۾ اسان کي مايوس نہ ڪيو. هن معاشيات ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ هن وقت نوڪري ڪري رهيو آهي. هن وقت هو اسان جي خاندان جو هڪ ذميدار فرد آهي ۽ ٻن ٻارن جو پي آهي. ٽيون ٻار منھنجي ڌي ربيعه آهي جيڪا 28 آڪٽوبر 1993 تي ڄائي. ٻن پٽن کانپوء ڌيءَ جي خواهش هڪ فطري ڳالھہ هئي. بابا اڃا حيات هو. هن کي پيار مان هو پنھنجي ناني، جنھن وٽ ڳئون وغيرہ هونديون هيون ۽ رنگ جي گوري هوندي هئي، جي حوالي سان امان کير واري چوندو هو. هن جي ڄمڻ تي جڏهين آفيس ۾ مون مٺائي ورهائي تہ ڊائريڪٽر مون کي گهرائي پڇيو تہ پٽ ٿيو آهي يا ڌيءَ، تہ مون کيس ٻڌايو تہ ڌيءَ ڄائي آهي. کيس اصل ان ڳالھہ تي حيراني هئي تہ مون ڌيءَ جي ڄمڻ تي مٺائي ڪيئن ورهائي آهي. ربيعه گلشن حديد جي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪئي. اپريل 2016 ۾ سندس شادي ٿي ۽ هن وقت هو ٻن ٻارن جي ماء آهي.
هن وقت آئون هڪ رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهيان. ٻيئي پٽ مون سان گڏ رهندا آهن. هڪ ٻئي جي سھڪار ۽ گڏجي هلڻ جي ڪري وقت سٺي ريت گذري ٿو.