آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

شگر ۽ عمر

ڪجهہ سال اڳ جي ڳالھہ آهي، ڪنھن ڪم سان منھنجو لاهور وڃڻ ٿيو هو. اتي هڪ اسي سالن جي همراه سان ملاقات ٿي. هو شگر جو مريض هو، پر اهڙي نموني سان پنھنجو خيال ڪندو هو جو سندس معمول جي زندگي ۾ ڪو فرق نہ آيو هو. هو ايترو سرگرم هو، جو سندس هڪ پير ڪراچي ۽ ٻيو لاهور ۾ هوندو هو. ان جو هڪ ڪارڻ تہ اهو هو تہ سندس ٻنھي شھرن ۾ مختلف ڪاروبار هلندڙ هئا، جيڪي سندس پٽ سنڀاليندا هئا پر پاڻ انھن جي نگراني ڪندو هو. ٻيو ڪارڻ اهو هو تہ هن ٻنھي شھرن ۾ ڪليم ۾ ڪيئي ملڪيتون حاصل ڪيون هيون، جن مان گهڻن جا ڪيس اڃا ڪورٽن ۾ هئا جن جي سلسلي ۾ کيس اچ وڃ ڪرڻي پوندي هئي. لاهور ۾ انارڪلي ۾ سندس ڪيئي دوڪان هئا ۽ ساڳي ريت ڪراچي ۾ صدر ۾ ٻہ اهم مارڪيٽون سندس ملڪيت آهن. مون کي چوندو هو تہ پنجاب جي آبھوا صحت لاء فاديمند آهي ۽ جيڪڏهين ممڪن هجي تہ ماڻھو سال ۾ مھينو کن هتي گذاري. هڪ حيرت جوڳي شخصيت هو. گهڻي عرصي کان سندس ڪا خبر چار ناهي.