آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

گل حسن عارب ڪيڙانو

گل حسن عارب ڪيڙانو بہ گذاري ويو. عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل هئڻ وقت منھنجو ساڻس ويجهو لاڳاپو رهيو. جيتوڻيڪ حمزو پليجو ۽ ٻيا بہ پارٽي پاران لاڳاپي ۾ هوندا هئا، پر عارب کي پارٽي پاران ڪراچي جي ڪارڪنن سان لاڳاپي جي ذميواري ڏنل هئي. هو پارٽي جو هڪ ڪل وقتي ڪارڪن هو ۽ انھن ڪارڪنن جو خرچ پکو گهڻو ڪري پارٽي ڪارڪن کڻندا هئا. هو هڪ مٺ محبت ۽ کلڻ ڳالھائڻ وارو ماڻھو هو ۽ گهٽ ئي ڪنھن سان اختلاف ڪندو يا تضاد ۾ ايندو هو.
جيتوڻيڪ ساڻس تعلق ختم ٿئي گهڻو وقت ٿي ويو آهي پر ڪجهہ واقعا اڃا منھنجي ذهن تي آهن. سنڌي ادبي سنگت لاء گڏجاڻين ڪرڻ لاء جاء جو هميشہ کان مسئلو رهيو آهي. اها ڳالھہ سنگت لياري سان بہ هئي. اسان جي پاڙي ۾ ئي شاعر سائين محمد جمن هالو رهندو هو. هن اسان کي سندس گهر ۾ گڏجاڻين ڪرڻ لاء چيو. انھن گڏجاڻين ۾ هو پاڻ بہ شريڪ ٿيندو هو. اهڙي هڪ گڏجاڻي ۾ عارب بہ شريڪ هو. محمد جمن هالو، ڪنھن مجبوري ڪري يا ائين ئي ڪرسي تي ويٺو هو جڏهين باقي سڀ هيٺ فرش تي ويٺل هئا. جڏهين عارب جو ڳالھائڻ جو وارو آيو تہ هن اٿندي ئي بجائي اسم تي ڳالھائڻ جي جمن هالي لاء چيو تہ سندس مھرباني تہ سائين سنگت کي گڏجاڻين لاء جاء ڏني آهي، پر سائين کي اهو نہ ٿو جڳائي تہ پاڻ مٿي ڪرسي تي ويٺو آهي ۽ باقي سڀ هيٺ ويٺا آهن. سندس ائين چوڻ ڪري گڏجاڻي ختم ٿيڻ وقت جمن هالي چيو تہ هاڻي آئندہ هتي گڏجاڻي نہ ڪندا ڪريو.
ان وقت عوامي تحريڪ ڪراچي جي مختلف مزدور تنظيمن ۽ سياسي جماعتن سان لاڳاپي ۾ هوندي هئي ۽ انھن سان مختلف گڏجاڻين ۾ پارٽي جي ڪنھن ٻئي نمائندي سان گڏ آئون بہ شريڪ ٿيندو هوس. مختلف تنظيمن جي اهڙي ئي هڪ گڏجاڻي لالو کيت ۾ هڪ جاء تي ٿي. ان گڏجاڻي ۾ آئون ۽ عارب شريڪ هئاسين. ان گڏجاڻي ۾ عوامي تحريڪ سان اختلاف ڪري پارٽي ڇڏيندڙ دائود پوٽو(سڄو نالومون کي وسري ويو آهي) نالي هڪ همراه بہ شريڪ هو. هن ٻين معاملن کي ڇڏي عوامي تحريڪ تي سخت تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. ان وقت عارب جي حالت صفا خراب ٿي ويئي. هو صفا منجهي پيو. پگهر پيا ڳڙنس ۽ کيس سمجه ۾ نہ پيو اچي تہ ان تنقيد جو ڪھڙو جواب ڏجي.
عارب سان آخري ملاقات ان وقت ٿي، جڏهين عوامي تحريڪ جو قافلو ڪالا باغ ڊيم جي سلسلي ۾ گلشن حديد آيو هو. ان وقت جيتوڻيڪ آئون پارٽي ۾ نہ هوس پر ڪجهہ دوستن جي چوڻ تي ان گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيو هوس. اتي مون ڪجهہ پئسا ان فنڊ ۾ بہ ڏنا هئا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي تہ عارب آخري مرڻ گهڙي تائين پنھنجي سوچ سان ڪميٽيڊ رهيو ۽ ڪي مالي فائدا وغيرہ بہ حاصل نہ ڪيا. پر ساڳي وقت اها ڳالھہ چوڻ ۾ مون کي ڪا هٻڪ ناهي تہ هو پارٽي جي ڪجهہ اهڙن ڪارڪنن مان هو جيڪي پارٽي کان وڌيڪ رسول بخش پليجو جي ذات سان وفادار هئا. سندس هوندي پارٽي ۾ گهڻا اختلاف ۽ ٽوڙ ڦوڙ ٿي، پر هن کي ڪا شي پنھنجي جاء تان نہ هٽائي سگهي. سندس لاء نيڪ خواهشنون ۽ دعائون.