اسٽيٽ بينڪ جون يادگيريون (2)
سيڪشن جي انچارج، جيڪو پوء ڊپارٽمنٽ جو ڊائريڪٽر ۽ پوء ايڪانامڪ ايڊوائزر بہ ٿيو، ڊاڪٽر نيازي سان منھنجو love and hate وارو تعلق رهيو. پھرين ڳالھہ تہ هو ڪنن جو ڪچو ماڻھو هو ۽ ٻي ڳالھہ تہ خاص طور ڊپارٽمنٽ جي پٺاڻ آفيسرن جو پاسو کڻندو هو. ڊائريڪٽر ٿيڻ کانپوء انھن لاڙن ۾ اڃا واڌارو اچي ويو. ان همراه جي اها عادت هوندي هئي تہ جڏهين خاص طور نيشنل ڪريڊٽ ڪائونسل جي گڏجاڻي طئي ٿيل هوندي هئي، جنھن جي ورڪنگ پيپر جي تياري لاءِ گهڻي محنت ڪرڻي پوندي هئي، تہ هو موڪل تي هليو ويندو هو. اها موڪل ان نوعيت جي هوندي هئي تہ همراه پاڻ روزانو معمول موجب دفتر ايندو هو ۽ آفيس جو سڀ سھولتون استعمال ڪندو هو پر آفيس جو ڪم نہ ڪندو هو. سندس چوڻ هو تہ هو هڪ ڪتاب تي ڪم ڪري رهيو هو، جيڪو ڪڏهين بہ مڪمل ٿي نہ سگهيو. اهڙي ئي هڪ موقعي تي جڏهين هن مون سان ڪم ڪندڙ گهڻن ماڻھن کي ٽرانسفر ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪم جي سڄي ذميواري مون تي اچي ويئي هئي جڏهين تہ ڊائريڪٽر جي غير موجودگي ۾ سڄي ڪم جي نگراني ايڪانامڪ ايڊوازر جنجوعہ پئي ڪئي. سندس دلچسپيHierarchy کان وڌيڪ ڪم ۽ ان جي جلد ٿيڻ ۾ هوندي هئي. ان لاءِ هو ڏينھن ۾ ڪيترا ڀيرا مون کي فون ڪندو ۽ پاڻ وٽ گهرائيندو هو. اها ڳالھہ منھنجي آفيسر منير کي پسند نہ هئي. هن وڃي نيازي کي شڪايت ڪئي تہ رئوف مون کي ٻڌائڻ کانسواء جنجوعہ وٽ وڃي ٿو. ان تي نيازي ڪاوڙجي مون کي ماڳيئي اتان ٽرانسفر ڪري ڇڏيو. پر جنجوعہ ان جي باوجود مون کي فون ڪندو رهندو هو ۽ کيس اهو ٻڌائڻو پوندو هو تہ آئون هاڻي ان سيڪشن ۾ ناهيان.
اهو ڪم هاڻي ڊاڪٽر عبدالقادر کي ڏنو ويو. هو هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ سيبتو ماڻھو هو ۽ ڪنھن جي ڪاڻ نہ ڪڍندو هو. هن بہ ڪريڊٽ ڪائونسل جي ورڪنگ پيپر وغيرہ جي تياري جي سلسلي ۾ منھنجي مدد وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهين هو مون کي ڪنھن ڳالھہ جي وضاحت لاء نيازي وٽ وٺي هليو تہ هو مٿس ڪاوڙجي پيو تہ ان کي ڇو وٺي آيو آهين. نئين سيڪشن جي انچارج بہ مون کي پنھنجي ڪم جي بنياد تي سٺي سالياني رپورٽ ڏني پر جڏهين اها ڊائريڪٽر نيازي وٽ ويئي تہ ان ان کي هڪ گريڊ هيٺ ڪري ڇڏيو. هن کي جڏهين اهو محسوس ٿيو تہ ان ماڻھو جي سوائي سندس ڪم جي ٻي ڪا پٺ نہ هئي ۽ هن جي لاء هڪ يا ٻئي سيڪشن ۾ هئڻ جي ڪا گهڻي اهميت ناهي تہ هن مون کي ماڳيئي ڊپارٽمنٽ مان ئي نيڪالي ڏيئي مون کي انڊسٽريل ڪريڊٽ ڊپارٽمنٽ ٽرانسفر ڪري ڇڏيو. اڳ ۾ ان ڊپارٽمنٽ جي انچارج مون کي پاڻ وٽ گهرائڻ لاء گهڻي ڪوشش ورتي هئي پر ريسرچ ڊپارٽمنٽ مون کي ڇڏڻ لاء تيار نہ هو. هن وقت نيازي کي مون مان جان ڇڏائڻي هئي، ۽ هن ڪنھن هٻڪ کانسواء ڪجهہ ٻين ناپسنديدہ آفيسرن سان گڏ مون کي اتي ٽرانسفر ڪري ڇڏيو.
