ڊاڪٽر زواگو
مون کي اندازو هو تہ اهو هڪ ڊگهو ناول آهي ۽ ان جو انگريزي مان ترجمو هڪ ٿڪائيندڙ ۽ مستقل مزاجي جي تقاضا ڪندڙ ڪم آهي. بھرحال اها جيئن تہ منھنجي ڪمٽمنٽ هئي، ان ڪري ان کي پورو ڪرڻو هو. اها ڳالھہ بہ هئي تہ ساڳي وقت منھنجي نوڪري بہ هئي ۽ مون کي وقت بوقت ڪم جي سلسلي ۾ ملڪ جي ٻين شھرن ۾ وڃڻو پوندو هو.
اهڙي ريت انھن سڀني شين کي نظر ۾ رکڻو هو. آفيس مان موٽندي مون کي رات ٿي ويندي هئي. پر اهو منھنجو معمول هو تہ ماني کائي ٿورو آرام ڪري آئون پنھنجو ڪم شروع ڪندو هوس ۽ منھنجي گهر وارن کي بہ اها ڄاڻ هوندي هئي. ان سلسلي ۾ ڪا حد بندي نہ هوندي هئي بس جيترو ڪم ڪري سگهندو هوس اهو ڪندو هوس، پر اهو روز جو معمول هوندو هو. جيڪڏهين شھر کان ٻاهر وڃڻو هوندو هو تہ اهو ڪتاب منھنجي سفري بيگ ۾ هوندو هو ۽ اتي هوٽل ۾ پنھنجي فارغ وقت ۾ آئون اهو ڪم ڪندو رهندو هوس.
ڪم جيئن ٿيندو ويندو هو ان کي ڪمپوزنگ وغيرہ لاء بورڊ کي موڪليندو ويندو هوس. ان ڪم ۾ هڪ ڊگهو عرصو گهربل هو. ان دوران بورڊ ۾ انتظامي سطح تي تبديليون ٿيون. انعام جي جاء تي اعجاز منگي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو. اعجاز سان بہ ان سلسلي ۾ رابطو رهندو هو. ان دوران ترجمو بہ مڪمل ٿي ويو ۽ ان جي مون کي ادائيگي بہ ٿي ويئي پر ويجهڙ ۾ ان جي ڇپجڻ جو مون کي ڪو امڪان نظر نہ ٿي آيو. سيڪريٽري کي گهڻا ڀيرا چوڻ کانپوء نيٺ مون ان جو آسرو ئي لاهي ڇڏيو. زوار نقوي بورڊ جو نئون سيڪريٽري مقرر ٿيو پر مون ساڻس ان سلسلي ۾ ڪو رابطو نہ ڪيو. هڪ ڏينھن اوچتو ڪنھن دوست فون ڪري مون کي ٻڌايو تہ اوهان جو ترجمو ڪيل ڊاڪٽر زواگو ناول ڇپجي ويو آهي. اهڙي ريت 2010 ۾ زوار نقوي جي دور ۾ اهو ناول ڇپجي پڌرو ٿيو.
هن ڪتاب تي سنڌي لينگوئيج اٿارٽي پاران بھترين ترجمي جو انعام پڻ ڏنو ويو.
