ڊاڪٽر مھڪري
هو سنگت جي مختلف پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو هو. اهڙو ئي هڪ پروگرام سنگت ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪيو هو جنھن جي هن صدارت ڪئي هئي. ان پروگرام ۾ منھنجو بہ مضمون شامل هو. پروگرام کانپوء ڪچھري ڪندي مون کي چيائين تہ ڪوشش ڪري سنڌي سان گڏوگڏ انگريزي ۾ بہ لکڻ گهرجي، جيئن پنھنجي ڳالھہ انھن ماڻھن تائين بہ پھچائي سگهجي جيڪي سنڌي نہ ٿا سمجهي سگهن.
مھڪري صاحب پڙهيل لکيل ماڻھو هوندي بہ زماني جو ماڻھو نہ هو. مال ملڪيت، جاين جڳھن ۾ سندس گهڻي دلچسپي نہ هوندي هئي. هو ڳالھہ ڪندو هو تہ سندس گهر تي سندس ڀاء قبضو ڪري ورتو هو. پر کيس افسوس گهر کان وڌيڪ انھن گلن جو هو جيڪي هن اتي لڳايا هئا.
مھڪري صاحب انھن ڪجهہ ماڻھن مان هو جن جي شخصيت گهڻي عرصي گذرڻ کانپوء بہ مون کي اتساه ڏيندي رهي آهي ۽ آئون هميشہ کيس پيار، محبت ۽ پھنجائپ سان ياد ڪندو آهيان.
