سراج
منھنجو سراج سان واسطو هڪ تہ هلال جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ٿيو ۽ ٻيو سنگت ڪراچي سندس ڪتابن تي ورڪشاپ وغيرہ ڪرايا هئا، جنھن مان رمپا پلازه ۾ ادارہ امن و انصاف ۾ ٿيل هڪ پروگرام جي صدارت شيخ اياز پڻ ڪئي هئي. ماڻھن ۾ سندس تاثر هڪ مغرور ماڻھو جو هو، جيڪو ماڻھن سان گهڻو لھہ وچڙه ۾ نہ ايندو هو. پر منھنجو رايو ان متعلق مختلف آهي. اها هڪ لحاظ کان سندس طبيعت ۽ مزاج هو تہ هو پنھنجي ڪم سان ڪم رکندو هو ۽ جنھن سان سندس واسطو هوندو هو ان کي پنھنجي وڏي ماڻھو هئڻ جو ڏيک نہ ڏيندو هو.
هلال پاڪستان کانپوءِ جاڳو ۾ سندس ڪالم شائع ٿيندا رهيا ۽ هو ماڻھن سان پنھنجي قلم ذريعي لاڳاپيل رهيو. هڪ وقت اهڙو آيو جو هن لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ اهو چيو تہ هاڻي وٽس لکڻ لاء ڪجهہ ڪونہ هو. اهو وقت دنيا جي گهڻن ليکڪن تي ايندو آهي، جيڪو ڪڏهين وقتي هوندو آهي ۽ ڪڏهين مستقل. ائين بہ ٿيو هو تہ ڪجهہ عرصو اڳ دنيا جي وڏن ليکڪن هڪ گڏجاڻي ۾ گڏيل طور اهو اعلان ڪيو هو تہ وٽن هاڻي لکڻ لاء ڪجهہ ڪونھي.
سراج جي ڪم کي سندس لائق پٽن ڪافي حد تائين سھيڙيو ۽ سنڀاليو آهي، پر اڃا بہ ان ڳالھہ جي ضرورت آهي تہ سندس ڪم ۽ شخصيت متعلق وڌيڪ مواد گڏ ڪيو وڃي ۽ خاص طور سندس هلال ۽ جاڳو جي ڪالمن کي گڏ ڪري ڇپرايو وڃي. اهو ڪم سنڌي ٻولي ۽ ادب لاء جيڪي ادارا آهن ۽ جن وٽ ڪروڙين روپين جو فنڊ آهي انھن کي ڪرڻ گهرجي.
