آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

راحت سعيد

راحت سعيد بہ گذاري ويو. راحت سان هڪ ڊگهي عرصي جو تعلق رهيو آهي. مون کي اها ڄاڻ تہ ناهي تہ سندس ڪھڙي سياسي جماعت يا گروپ سان تعلق هو پر سندس دوستن جو حلقو، جنھن ۾ مزدور اڳواڻ ۽ صحافي واحد بشير، ايريل جي نالي سان ڊان ۾ ڪالم لکندڙ محمد علي صديقي، حسن عابدي ۽ پروفيسر حسن عابد وغيرہ شامل هئا، ان مان مون کي اهو اندازو ٿيو تہ اهي پي آئي اي ايمپلائيز يونين جي اڳواڻ ۽ چين نواز ڪميونسٽ طفيل عباس جي گروپ سان لاڳاپيل هئا. ان ڪري بہ تہ راحت پاڻ پي آئي اي جو ملازم هو.
منھنجو جڏهين ساڻس تعلق قائم ٿيو تہ ان وقت راحت ۽ سندس دوستن مان سياسي لحاظ کان ڪير بہ سرگرم ۽ متحرڪ نہ هو. سندن سڄو ڌيان ترقي پسند ادب ۽ نظرئي جي فروغ لاء مختلف ادارا قائم ڪرڻ ۽ غيرسرگرم ادارن کي وري سرگرم ۽ منظم ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ خاص ڳالھہ اها هئي تہ ڪنھن سياسي وابستگي کان قطع نظر هر ان شخص سان رابطو ڪيو ويو جيڪو ان ڪم ۾ ڪار آمد ٿي سگهيو ٿي. ان سلسلي ۾ شروعات ارتقاء رسالي کان ڪئي ويئي، جنھن ۾ ترقي پسند لکڻيون شامل ڪيون وينديون هيون. ان رسالي جي مواد ۽ اشاعت لاء باقاعدي لاڳاپيل دوستن جون گڏجاڻيون ڪيون وينديون هيون. ڪجهہ عرصي تائين آئون ۽ فقير محمد لاشاري بہ ان جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شامل رهياسين. ان سان گڏوگڏ شھر جي مختلف دوستن کي متحرڪ ڪرڻ لاء ارتقاء جون ماهوار گڏجاڻيون گلشن اقبال ۾ پروفيسر نصير جي ڪاليج ۽ ٻين هنڌن تي ڪيون وينديون هيون. ڪجهہ عرصي کانپوءِ گلشن اقبال ۾ حسن اسڪوائر جي ويجهو ارتقاء جي آفيس لاء جاء ورتي ويئي، جتي هاڻي بہ ارتقاء جون گڏجاڻيون ۽ مختلف پروگرام ٿيندا آهن. ان کانسواء سال ۾ هڪ اڌ ڀيرو ڪو وڏو پروگرام ڪيو ويندو هو، جنھن ۾ پرڏيھي مھمانن کي پڻ مدعو ڪيو ويندو هو. منھنجي خيال ۾ ٻين دوستن جي ڪوششن سان گڏ اردو جي مک دانشورن ۽ خاص طور سوڀو گيانچنداڻي کي ان سڄي عمل جو حصو ٺاهڻ ۾ راحت جي پبلڪ رليشننگ واري صلاحيت جو اهم ڪردار هو.
منھنجي گهڻي عرصي کانپوء ساڻس گذريل سال ڊسمبر ۾ ملاقات ٿي جڏهين اسان رياض شاهد دايو سان گڏ نواب شاه ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جي ڪانفرنس لاء وڃي رهيا هياسين. انجمن کي پوري ملڪ ۾ نئين سر سرگرم ڪرڻ ۾ بہ راحت ۽ سندس دوستن جو اهم ڪردار هو. مون کي حيرت بہ ٿي ۽ مٿس رشڪ بہ آيو تہ اسي سالن کان وڌيڪ عمر هئڻ جي باوجود هو اڃا بہ سرگرم هو. هڪ ڊگهو عرصو سگريٽ ڇڪڻ کان پوء هن ٻڌايو تہ هو سگريٽ ڇڏي چڪو هو. ڪجهہ وقت کانپوء خبر پيئي تہ کيس ڦڦڙن جو ڪينسر تشخيص ٿيو هو ۽ ڪالھہ هو گذاري ويو. بھرحال هن هڪ ڀرپور زندگي گذاري ۽ پنھنجو وارو وڄائي ويو.