آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

ڪانگ

صبح جو واڪ ڪندي آئون اڪثر ھڪ ماڻھو کي ڏسندو آھيان، جيڪو پنھنجي ھٿ ۾ جهليل ڪنھن شيءِ سان مختلف وڻن ڏانھن اشارا پيو ڪندو آهي. مونکي تجسس ھو تہ نيٺ ڪري ڇا ٿو. ھڪ ڏينھن مون کانئس پڇيو تہ سندس چوڻ ھو تہ ھو ڪانگن کي ڀڄائي ٿو. مون کيس چيو تہ ڪانگ تہ تمام گهڻا آھن، ھو ڪيترن کي ڀڄائيندو تہ سندس چوڻ هو تہ سندس نشانو رڳو اھي ڪانگ آھن، جيڪي گهڻو شور ڪن ٿا. مون کي ذھن ۾ اھو خيال آيو تہ ڇا اھڙو اوزار يا آلو گهڻو شور ڪندڙ ماڻھن لاء بہ ٿي سگهي ٿو.