منھنجي امڙ
شادي کانپوءِ اٽڪل سترنھن سال امان سان گڏ رهيس. گلشن حديد اچڻ کانپوءِ هفتي ٻئي هفتي چڪر هڻندو هوس. جنھن ڏينھن امان کي اٽيڪ ٿيو، ان کان هڪ ڏينھن اڳ آئون لاهور مان موٽيو هوس. منھنجو ٻئي ڏينھن امان وٽ وڃڻ جو ارادو نہ هو، پر منھنجي زال ٻڌايو تہ امان جو فون آيو هو چئي پئي تہ رئوف کي چئو تہ مون وٽان ٿي وڃي. آئون ٻئي ڏينھن آفيس مان سڌو امان وٽ ويس. اتي ماني کاڌي، ڪچھري ڪئي ۽ ڪلاڪ ٻہ ويھي موڪلائي گهر لاء روانو ٿيس. ان وقت امان بلڪل نارمل هئي ۽ هن نہ ڪو اهڙو ذڪر ڪيو ۽ ڪو اشارو ڏنو تہ سندس طبيعت ٺيڪ نہ هئي. آئون اڃا گهر مس پھتس تہ حسن جو فون آيو تہ امان جي طبيعت ٺيڪ ناهي، اوهان اچو. مون کيس چيو تہ اوهان اسپتال پھچو تہ آئون بہ اچان ٿو.
سال کن اڳ منھنجو وڏو ڀاءُ، جيڪو امان جي گهڻو ويجهو هوندو هو، گذاري ويو هو. هو پنھنجي ان ڏک جو اظھار گهٽ ئي ڪندي هئي، پر اهو اندر ئي اندر کيس کائي رهيو هو. گهر وارا ڳالھہ پيا ڪن تہ اوهان جي وڃڻ کانپوءِ امان گهر جي ٻاهران دڪي تي وڃي ويٺي ۽ چوڻ لڳي تہ حميد جو انتظار پئي ڪيان، هو هينئر ايندو. آئون هينئر سوچيان ٿو تہ جيڪڏهين ان ڏينھن آئون امان ڏانھن نہ وڃان ها تہ اهو سڄي عمر جو پڇتاءُ بڻجي وڃي ها.
امان گهر کي پيار، محبت ۽ ضابطي سان هلائيندي هئي. سندس سڀ نھنرون هڪ ڊگهو عرصو ساڻس گڏ رهيون. گهرن ۾ ٿيندڙ اڻبڻت هڪ اڻٽر شي آهي، پر ڪڏهين بہ گهر جي مردن کي ان ۾ دخل اندازي ڪرڻ نہ ڏيندي هئي، ۽ کين چوندي هئي تہ اوهان وچ ۾ نہ پئو، اهو اسان عورتن جو معاملو آهي، اسان پاڻيئي ان کي نبيري وٺنداسين. منھنجي زال سان امان جي گهڻي هم آهنگي هوندي هئي. جيڪڏهين سندس مون سان ڪو ڪم هوندو هو ۽ ڪا شيءِ کپندي هئي تہ اها ڳالھہ منھنجي زال وسيلي مون تائين پھچندي هئي.
اسان جا گهڻا دوست گهر تي ايندا هئا. انھن جي کاڌي پيتي وغيرہ جي ذميواري امان جي هوندي هئي. هو ڪنھن بہ مھمان کي ائين وڃڻ نہ ڏيندي هئي. گهڻن دوستن لاءِ هو ڄڻ امان هوندي هئي ۽ هو ساڻس ويھي ڪچھري ڪندا هئا.
امان اٽڪل ڏيڍ مھينو اسپتال ۾ بيھوشي جي حالت ۾ هئي. بس ائين ٿيندو هو تہ هو ڪڏهين اکيون کوليندي ھئي ۽ ڪجهہ اشارا ڪندي هئي. ڊاڪٽر آسرا پيا ڏيندا هئا، پر هو آخر تائين هوش ۾ نہ آئي ۽ 24 ڊسمبر 2008 تي اسان کان موڪلائي ويئي.
منھنجي پھرين نوڪري
ڪراچي يونيورسٽي مان ماسٽرس ڪرڻ کانپو۽ اپلائيڊ ايڪانامڪس ريسرچ سينٽر جي ڪجهہ سرويز ۾ ڪم ڪرڻ کانپو۽ مون پنھنجي نوڪري جي شروعات سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن (ايس آر پي او) کان ڪئي. سنڌ حڪومت جي پلاننگ اينڊ ڊيولپمنٽ کاتي تحت ڪم ڪندڙ ان اداري جو ڪم سنڌ جي معيشت جي مختلف پاسن تي سروي ۽ اسٽيڊيز وغيرہ ڪرڻ هو. مختلف عالمي ادارن پاران ان مقصد لاءِ اداري کي امداد بہ ملندي هئي ۽ انھن جا نمائندا بہ اداري ۾ مقرر ڪيا ويندا هئا.
هڪ دوست جي حوالي سان ان اداري جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بدر سومرو سان ملاقات ٿي. نوڪري ڏيڻ کان اڳ هن مون کي سنڌ ايگريڪلچر سروي جي ٽيم ۾ شامل ڪيو. ان سروي ۾ ائين چئجي تہ ٿر کي ڇڏي باقي ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور کان سجاول ٺٽي تائين سڄو سنڌ شامل هو. ان سروي جي ڪجهہ عرصي کانپوءِ مون کي اداري جي ڊائريڪٽر رشيد شيخ سان ملڻ لاء چيو ويو. هن ڪجهہ سوال ڪيا ۽ اهڙي ريت مون کي اتي نوڪري ملي ويئي.
ڊاڪٽر سومرو ٽنڊو ڄام ڪاليج جو گريجويٽ هو. سندس واسطو شڪارپور سان هو. هو پنھنجي طبيعت ۾ هڪ نرم مزاج ماڻھو هو ۽ پنھنجن ماتحتن تي هروڀرو ڪا سختي نہ ڪندو هو پر ممڪن حد تائين کين رعايت ڏيندو هو. مون کي هو چوندو تہ آئون توهانجو وڏو ڀاء آهيان. ائين بہ ٿيندو هو تہ ڪڏهين آفيس جي ڪم جي ڪري موڪل واري ڏينھن آفيس اچڻ جي ضرورت هوندي هئي تہ بجائي حڪم ڪرڻ جي جيڪو سندس اختيار هو هو پڇندو هو تہ ڇا اوهان موڪل واري ڏينھن اچي سگهو ٿا. جيڪڏهين کيس مجبوري ٻڌائبي تہ هو ان تي وڌيڪ اصرار نہ ڪندو هو. مون سان هن ٻي ڀلائي اها ڪئي تہ جڏهين فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي وسيلي منھنجي پاڪستان حڪومت جي ايڪانامسٽ ۽ پلانرز گروپ ۾ سليڪشن ٿي تہ هن مون کي صلاح ڏني تہ هتان استعفا نہ ڏيو، بلڪ موڪل وٺي وڃو ۽ اتي حالتن جو جائزو وٺي، پوءِ ڪو فيصلو ڪيو. اها ڪارائتي صلاح هئي. ڇاڪاڻ تہ اسلام آباد پھچڻ کان پوءِ خبر پيئي تہ حڪومت پاران اهي پوسٽون ئي ختم ڪيون ويون هيون. ڪجهہ ڏينھن ۾ آئون ڪراچي موٽي آيس ۽ وري ساڳي نوڪري جوائن ڪئي. بھرحال ڪجهہ عرصي کانپوءِ ئي اسٽيٽ بينڪ ۾ منھنجي سليڪشن ٿي ويئي ۽ ڊاڪٽر مون کي فوري طور اتي جوائن ڪرڻ لاءِ چيو.
هتي نذر ميمڻ، جيڪو سگا سان لاڳاپيل هو، بہ ڪم ڪري رهيو هو. هو اسٽيٽ بينڪ مان هتي ڊيپوٽيشن تي آيو هو. آئون جڏهين اسلام آباد وڃي رهيو هوس تہ هن مون کي اتان جي سگا جي ڪجهہ عھديدارن جا نالا ۽ نمبر وغيرہ بہ ڏنا. نذر ميمڻ وري موٽي اسٽيٽ بينڪ نہ آيو ۽ هتان ئي ٻين کاتن ۾ هليو ويو.
هتي ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ سري لنڪا جو هڪ همراه پڻ ايڊوائزر طور ڪم ڪري رهيا هئا.
عبدالرحمان نقاش سان منھنجي هونئن غائبانا واقفيت تہ هئي، پر پھرين ملاقات هن اداري ۾ ئي ٿي. منھنجي نوڪري جو پھريون ڏينھن هو. هن منھنجي سيٽ تي اچي پنھنجو تعارف ڪرايو ۽ مون کي پنھنجي ڪمري ۾ چانهہ لاء مدعو ڪيائين. نقاش سان اها ملاقات دوستي جي هڪ مستقل ناتي ۾ بدلجي ويئي.
هن اداري ۾ گهڻي ڀاڱي اهڙا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هيون، جيڪي تازو يونيورسٽي ۽ مختلف ڪاليجن مان فارغ ٿيا هئا. ٻہ ڇوڪريون، جيڪي پاڻ ۾ ڀينر بہ هيون، منھنجيون ڪلاس فيلو هيون. منھنجي ايگريڪلچر ڊويزن ۾ منصور ميمڻ، جيڪو ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جو گريجويٽ هو، مون سان گڏ ۾ ويھندو هو. سندس تعلق شڪارپور سان هو. شيرمحمد ميمڻ جو واسطو کھڙا سان هو. ساڻس منھنجو هڪ ٻيو تعلق هن ريت بہ هو تہ کھڙا ۾ منھنجا ڪجهہ مائٽ سندس دوست هئا. شيرمحمد منھنجي اتي هوندي ئي الائيڊ بينڪ هليو ويو. سرور ميمڻ جو واسطو بہ شڪارپور سان هو. ان کانسواء رضوانہ نالي هڪ اسسٽنٽ هوندي هئي.
هتي جيئن تہ گهڻو تعداد نوجوانن جو هوندو هو، ان ڪري ڇوڪرن ڇوڪرين ۾ دوستيون ۽ فلرٽ وغيرہ هڪ عام ڳالھہ هئي. اهي گهڻي ڀاڱي تہ وقت گذارڻ لاء ئي هوندا هئا، پر ڪي معاملا سنجيدگي جي حد تائين پھچي ويندا هئا. خاص طور تي هڪ ڇوڪري جي معاملي تي ٻہ ڄڻا ڪافي سنجيدہ ٿي ويا ۽ انھن مان هر ڪنھن جي اها ڪوشش هئي تہ هو سندس وڌيڪ ويجهو ٿئي ۽ سندس توجھہ حاصل ڪري. هڪٻئي سان سندن اها چٽاڀيٽي جاري هوندي هئي. منھنجي هتان وڃڻ کانپوء بہ اهو سلسلو جاري رهيو ۽ پوءِ اها خبر پيئي تہ هڪ ڄڻو ان ڇوڪري سان شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
هتي اسان کي جيڪو نائب قاصد مليل هو، اهو بہ نھايت دلچسپ ماڻھو هو. ڪراچي جي ڪنھن ڳوٺ سان سندس واسطو هو. ڪنھن بہ ڪم کان منع نہ ڪندو هو. سندس نالو محمد صديق هو، پر شايد کيس اهو نالو پسند نہ هو، ان ڪري هو پاڻ کي مختلف فلمي نالن سان سڏيندو هو ۽ پنھنجي انھن نالن تي اصرار ڪندو هو.
هتي مون اٽڪل پوڻا ٻہ سال جنوري 1978 کان سيپٽمبر 1979 تائين ڪم ڪيو. اهو منھنجي سڄي ڪيريئر جو هڪ خوشگوار ۽ يادگار وقت آهي ۽ آئون اڪثر ان کي ياد ڪندو آهيان.
