ڪجهہ يادگيريون
اقبال جو نيوڪراچي سان واسطو ڄڻ رڳو رهائش جي حد تائين هو. ويجهي ماضي ۾ شھر ۽ خاص طور جنھن علائقي مان هو ايندو هو اهو وڳوڙن جي ڪري گهڻو متاثر هو. ان جي ڀيٽ ۾ شھر جو پراڻو علائقو نسبتن پرامن ۽ پرسڪون هوندو هو. انھن حالتن ۾ بہ هو گهڻو ڪري ايڏو سفر ڪري پنھنجي دوڪان تي پھچندو هو ۽ رات جو دير تائين اتي موجود هوندو هو. هڪ ڊگهي عرصي تائين علائقي ۾ رهڻ ۽ روزگار ڪرڻ ڪري هتي سندس دوستيون ياريون ۽ گهڻن ماڻھن سان واقفيت هئي. هتي کيس ڪنھن بہ قسم جي ڊپ ۽ نقصان جو انديشو نہ هو.
هو مختلف ڳالھيون ٻڌائيندو هو. سندس چوڻ هو تہ روزگار خاطرڪجهہ وقت لاء يورپ جي ڪنھن ملڪ ويو هو پر اتي گهڻو وقت رهي نہ سگهيو ۽ موٽي آيو. هڪ ڏينھن وارن جي ڪٽنگ ڪندي هن مون کي چيو تہ اوهان کي بال چر آهي جنھن سان سڄي جسم جا وار آهستي آهستي ختم ٿي ويندا. پر اهو اڃا ابتدائي مرحلي ۾ آهي جيڪو علاج سان ختم ٿي سگهي ٿو. ان جي لاء هن مون کي نسخو ٻڌايو، جيڪو تمام سولو ۽ سستو هو. اهو علاج هو ڪپهہ جي ٽڪر کي ڪجهہ ڏينھن تائين گاسليٽ ۾ ٻوڙي متاثر جاء تي هڻڻ. واقعي ائين ڪرڻ سان اهو بال چر ڪجهہ ڏينھن ۾ ختم ٿي ويو. منھنجي لاء اها وڏي ڳالھہ هئي. ڇاڪاڻ تہ مون ڪجهہ مردن ۽ عورتن کي ڏٺو هو، جن جا ان بيماري جي ڪري مستقل طور وار ختم ٿي ويا هئا ۽ کين وگ يا ٽوپي جو سھارو وٺڻو پيو هو.
ان سلسلي ۾ هن مون کي هڪ واقعو ٻڌايو. ان علائقي جوهڪ شخص وٽس آيو ۽ کيس اعتماد ۾ وٺندي ٻڌايائين تہ سندس جوان ڌي کي اها بال چر جي بيماري ٿي پيئي هئي ۽ مٿي سميت سندس جسم جا وار ختم ٿي چڪا هئا. نياڻي هئڻ ڪري هو اها ڳالھہ ڪنھن اهڙي تھڙي ماڻھو سان ڪري بہ نہ ٿي سگهيو. هو شخص کيس پنھنجي گهر وٺي ويو ۽ اقبال جو چوڻ هو تہ هڪ ڊگهي عرصي جي علاج کانپوء ان ڇوڪري جي مٿي وغيرہ جا وار اچڻ شروع ٿي ويا. ان گهر وارن لاء هو ڄڻ تہ گهر جو ڀاتي ٿي پيو ۽ اهي سندس عزت ڪندا هئا.
منھنجواهو تجربو آهي تہ خاص طور حجام ۽ درزي سان جيڪڏهين ماڻھو جي هم آهنگي ٿي وڃي ٿي ۽ هو اوهان جي مزاج کي سمجهي وڃي ٿو تہ پوء ان سلسلي ۾ گهڻي مٿا ڪٽ نہ ٿي ڪرڻي پئي. اهو ئي ڪارڻ هو جو آئون جڏهين گلشن حديد شفٽ ٿيس تہ وار ٺھرائڻ لاء اقبال وٽ ئي ويندو هوس. ان جو هڪ ڪارڻ اهو بہ هو تہ منھنجي آفيس ٽاور تي هئي ۽ اتان بس کارادر جو هڪ گهٽي جو فاصلو هوندو هو. ٻي ڳالھہ تہ اها ئي واٽ هوندي هئي، جتان آئون پنھنجي پراڻي گهر امان ۽ ٻين ڀائرن وغيرہ سان ملڻ ويندو هوس. گهڻو عرصو اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ نيٺ حالتن جي تبديل ٿيڻ ڪري نئين جاء تي بندوبست ڪرڻو پيو. هاڻي بہ منھنجو جڏهين ان علائقي ۾ وڃڻ ٿيندو آهي تہ سندس دوڪان تي نظر ضرور وجهندو آهيان.
بابا عيد وغيرہ جي موقعن تي پنھنجن ٻارن کي ڪپڙن ۽ جوتن وغيرہ جي لاء پاڻ سان گڏ نہ وٺي ويندو هو. سندس هڪ ويجهو دوست هوندو هو جنھن کي اسان چاچا ساهو چوندا هئاسين. هن جو ڪاغذي بازار جي بلڪل وچ ۾ درزي جو دوڪان هوندو هو. بابا سڀني پٽن کي چوندو هو تہ اتي دوڪان تي وڃي ڪپڙن جو ماپ ڏيئي اچو. باقي ڪپڙي جي چونڊ چاچا ساهو جي پنھنجي هوندي هئي. عيد جي موقعي تي جڏهين اسان سڀ بابا سان گڏجي نماز ۽ مائٽن سان ملڻ لاء نڪرندا هئاسين تہ ماڻھن لاء پي ۽ سڀني ڀائرن کي هڪجهڙن ڪپڙن ۾ ڏسڻ دلچسپي جو باعث هوندو هو. ساڳي ريت جوتن جي حوالي سان بہ بابا اسان کي پنھنجي هڪ واقف جي دوڪان تي موڪلي ڇڏيندو هو تہ اتي وڃي پنھنجي پسند موجب جوتا وغيرہ وٺو. ان جو حساب وغيرہ بابا پاڻ ڪندو هو.
