آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

عوامي آواز

هلال پاڪستان جي ڪراچي مان شائع ٿيڻ کان اٽڪل سترنھن سال پوء 1989 ۾ ٻي سنڌي اخبار عوامي آواز ڪراچي مان جاري ٿي. آئون سمجهان ٿو تہ ان وقت ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي متعارف ٿيڻ ڪري سنڌي ڪتابن ۽ اخبارن وغيرہ جي اشاعت وڌيڪ سولي ٿي پيئي هئي ۽ اها ئي ڳالھہ نئين اخبار عوامي آوازجي فائدي ۾ هئي.
ان اخبار کي کاٻي ڌر جي ڪجهہ سياسي ڪارڪنن امداد اوڍو، ڊاڪٽر جبار ختڪ ۽ ناصر بلوچ گڏجي جاري ڪيو هو. ان ڪري ان متعلق اهو ئي تاثر هو تہ اها سنڌ ۽ ان جي ماڻھن جي مسئلن جي بھتر انداز ۾ ترجماني ڪندي. خاص طور امداد جو سنڌي صحافت جي لحاظ کان تجربو بہ هو. هو هتان ڪراچي مان ف م لاشاري جي سھڪار سان سنڌ سجاڳ رسالو بہ شائع ڪندو هو جنھن جو الڪرم اسڪوائر ۾ دفتر هو، جتي هڪ ٻہ ڀيرا منھنجو بہ لاشاري سان گڏ وڃڻ ٿيو هو.
عوامي آواز جو شروع ۾ دفتر لياري جي علائقي چاڪيواڙا ۾ هو. هن اخبار کي ڪارڪنن جي اخبار ڪري ليکيو ٿي ويو. ان ڪري گهڻن ان ۾ رضاڪارانہ طور پنھنجيون خدمتون ڏنيون. هلال جا گهڻا ڪارڪن اخبار ۾ پنھنجي معمول جي ڊيوٽي ڪري شام جو اچي عوامي جي ڊيسڪ تي ڪم ڪندا هئا. گهڻا نوجوان اخبار جي ڪمپيوٽر سيڪشن ۾ اچي ڪم ڪندا هئا. انھن ماڻھن کي معاوضي جي ڪا پرواه نہ هوندي هئي. مقصد اهو هوندو هو تہ اخبار کي ڪنھن بہ ريت پنھنجن پيرن تي بيھاري ڪامياب ڪرڻو هو.
ان ۾ دوستن جي اها ڪوشش هوندي هئي تہ ڪو اهڙو قدم نہ کڻجي جنھن سان هلال کي ڪو نقصان پھچي. ڪجهہ عرصي کانپوء عوامي آواز جي مالڪن ان ڳالھہ کي محسوس ڪيو تہ اخبار کي ڪنھن مضبوط ۽ نالي واري ايڊيٽر جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ امداد جا اڳ ئي ف م لاشاري سان لاڳاپا هئا. ان ڪري انھن ساڻس رابطو ڪيو. فقير محمد مون کي چيو تہ جبار ۽ امداد سان ڳالھائڻو آهي تون بہ مون سان هل. اسان چار ئي ڄڻا ڪلفٽن ۾ هڪ جاء تي گڏجي ويٺاسين. پر اتي ڪنھن نتيجي تي نہ پھتاسين. پوء مون پنھنجي ليکي لاشاري کي اها صلاح ڏني تہ هو عوامي جوائن نہ ڪري. ڇاڪاڻ تہ اها ڳالھہ هلال ۽ ان جي ڪارڪنن جي حق ۾ نہ هوندي. لاشاري اخبار جي مختلف شعبن کي سنڀالڻ سان گڏ ورڪرز يونين جو صدر بہ هو ۽ اخبار جي ڪارڪنن لاء وڏو ڀرجهلو هو. ان گڏجاڻي ۾ امداد ۽ جبار پڻ منھنجي روئي مان اندازو لڳائي ورتو هو تہ آئون ان ڳالھہ جي حق ۾ نہ هوس. ان ڪري انھن فقير سان ڌار ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ کيس ان ڳالھہ تي قائل ڪيو تہ هو هلال ڇڏي عوامي ۾ اچي. ان کانپوء ان سلسلي ۾ لاشاري سان ڪا ڳالھہ ٻولھہ نہ ٿي ۽ خبر تڏهين پيئي جڏهين هن هلال ڇڏي عوامي جوائن ڪئي.
عوامي آواز ڪنھن سياسي جماعت وغيرہ جي اخبار نہ هئي. ان ڪري ان جي مالڪن تي ملازمن يا اخبار جي پاليسي وغيرہ جي حوالي سان بہ ڪا پابندي نہ هئي. ان ڳالھہ کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي تہ رڳو جوش جذبي ۽ ڪمٽمنٽ سان ماڻھو جو پيٽ ۽ ان جون معاشي ضرورتون پوريون نہ ٿينديون آهن. گهڻن ڪارڪنن هڪ جوش ۽ جذبي ۾ اخبار جوائن ڪئي هئي، پر مالڪن پاران ان جي جوڳي موٽ نہ ڏني ويئي. پگهارن وغيرہ جي وقت تي نہ ملڻ ۽ مالڪن جي اڻ سھائيندڙ روئي جي ڪري گهڻا ڪارڪن مايوس ٿي اخبار ڇڏي ويا.
فقير کي انھن ايلازن منٿن سان آندو هو ۽ ان جي ڪري هن پنھنجي هلال پاڪستان جي نوڪري ڇڏي هئي، پر هو انھن سان گهڻو وقت نہ هلي سگهيو ۽ ٻي ڪنھن متبادل نوڪري نہ هئڻ جي باوجود هن اها نوڪري ڇڏي ڏني. جاڳو جي نڪرڻ تائين هو بيروزگار ۽ پريشان رهيو.
مون باقاعدي عوامي ۾ نوڪري تہ نہ ڪئي پر ان سان هڪ ويجهو لاڳاپو رهيو. مضمون وغيرہ لکڻ کانسواء مون کي امداد ادبي صفحي سنڀالڻ لاء چيو ۽ مون سان طئي ٿيو تہ صفحي سان گڏ اوهان اخبار لاء جيڪي لکندا ان جو معاوضو ڏنو ويندو. پر اهو رڳو واعدو ۽ آسرو ئي هو. ان تي عمل نہ ٿيو ۽ مون ڪمٽمنٽ پوري نہ ٿيڻ جي ڪري اهو ڪم ڇڏي ڏنو. اخبار جي مالڪن جي ترقي پسند پسمنظر جي ڪري دوستن ساڻن غير مشروط سھڪار ڪيو، پر اهي هڪ تہ ڪامريڊ مان ڦري سيٺ ٿي ويا ۽ ٻيو تہ ساڳي وقت اخبار کي هڪ پيشي ورانہ انداز ۾ نہ هلائي سگهيا. منھنجو پوء بہ عوامي آواز سان هڪ نہ ٻي صورت ۾ واسطو رهندو آيو، پر ان جي باوجود تہ اخبار جي آفيس لياري مان نامڪو سينٽر نيو چالي ۽ پوءِ نپيئر بيرڪس منتقل ٿي ۽ مالڪ بہ سکيا ٿيا، پر سندن ڪارڪنن سان ورتاء ۾ گهڻو سڌارو نہ آيو.
منھنجو صحافت سان اڻسڌو واسطو تہ رهيو آهي پر آئون باقاعدي طور ڪنھن اخبار يا رسالي وغيرہ جو ملازم نہ رهيو آهيان. مختلف اخبارن ۾ ڇپجندڙ منھنجن مضمونن وغيرہ جي ڪري گهڻن واققڪارن ۽ ٻين ماڻھن وٽ اهو تاثر رهيو آهي تہ آئون شايد ڪنھن اخبار جو ملازم آهيان. اهو تاثر خاص طور هلال پاڪستان جي حوالي سان رهيو آهي. هڪ پيشي ور صحافي طور ڪم ڪرڻ شايد منھنجي مزاج ۾ ناهي. مون کي ياد ٿو پئي تہ بدر ابڙو جڏهين پڪار جو ايڊيٽر هو تہ هن مون کي شام جو آفيس مان موٽڻ کانپوء ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ لاء چيو هو. اخبار جي آفيس ان وقت نيو چالي تي هئي. شاهين ڪامپليڪس ۾ پنھنجي آفيس مان موٽندي شايد ٻہ ڏينھن آئون اتي وڃي سگهيس. لاڳيتو صبح کان رات تائين ڪم ڪرڻ منھنجي لاء ٿڪائيندڙ هو. ان جي ڪري پنھنجو پاڻ، گهر، لکڻ پڙهڻ ۽ ٻين ڪمن کي بہ وقت نہ پي ڏيئي سگهيس. اهڙي ريت باقاعدي طور آئون ڪڏهين بہ هڪ پيشي ور صحافي نہ ٿي سگهيس.