آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

سائين يوسف شيخ

سائين محمد يوسف شيخ بہ ڪووڊ 19 جي ڪري گذاري ويو. سنڌ ۾ تعليم جي لحاظ کان يوسف شيخ جو مختلف ادارن کي ٺاهڻ ۽ انھن کي وڌائڻ ويجهائڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. منھنجي ساڻس رڳو هڪ ملاقات آهي. ان وقت هو لاڙڪاڻي ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جو پرنسپال هو. آئون انجمن ترقي پسند مصنفين جي هڪ وفد سان گڏ انجمن ۽ سنڌي ادبي سنگت جي هڪ گڏيل سيمينار ۾ شريڪ ٿيڻ لاء لاڙڪاڻي ويو هوس. يوسف شيخ پاران وفد کي مانجهاندي جي دعوت ڏني ويئي هئي. اسان موئن جو دڙو مان ٿي ڪيڊٽ ڪاليج وياسين. اتي ڏاڍي قرب ۽ پيار سان وفد جو آڌرڀاء ڪيو ويو. سٺي ماني سان گڏوگڏ اسان ڪاليج جي مختلف حصن کي ڏٺو. منھنجي لاء ذاتي طور خوشي جي ڳالھہ اها هئي جو شيخ صاحب منھنجي لکڻين ۽ خاص طور ڊان ۾ ڇپجندڙ مضمونن کان واقف هو ۽ هن ان متعلق مون سان ڳالھايو. هو جيتوڻيڪ هڪ وڏي رتبي ۽ حيثيت وارو ماڻھو هو پر سندس ورتاء هڪ عام ماڻھو جيان هو ۽ پنھنجي ورتاء مان ڪنھن وڏائي جو ڏيکاء نہ ٿي ڏنو. جيتوڻيڪ پوء منھنجي ساڻن ٻي ڪا ملاقات نہ ٿي پر سندن هڪ جنٽلمين وارو تاثر منھنجي ذهن ۾ اڃا قائم آهي.