تاريخ ڪانفرنس
گذريل ٻن ٽن ڪانفرنسن ۾ منھنجو وڃڻ نہ ٿيو هو، پر هن ڀيري ڊاڪٽر رياض سان مون واعدو ڪيو هو تہ آئون ڪانفرنس ۾ ايندس ۽ اتي پنھنجو مضمون بہ پڙهندس.
ڪانفرنس جو هن ڀيري موضوع هو مقامي تاريخ. اها ايڪويهہ مارچ 2022 تي سول اسپتال جي ويجهو وفاقي اڙدو يونيورسٽي جي مولوي عبدالحق ڪئمپس ۾، يونيورسٽي جي تاريخ جي شعبي جي سھڪار سان منعقد ڪئي ويئي.
اڳ ۾ اهو اڙدو ڪاليج هو. لياري جي ويجهو هئڻ ڪري اهو انھن ڪجهہ ڪاليجن مان هڪ هو، جتي لياري جي شاگردن جو وڏو تعداد تعليم حاصل ڪندو هو. منھنجو گهڻو عرصو اڳ اتي وڃڻ ٿيو هو. سول اسپتال واري ان سڙڪ تي ٻي ڪنڊ تي قسمت سينيما هوندي هئي ۽ پوءِ ٽمبر مارڪيٽ هئي.
هن وقت سڄو منظر نامو تبديل ٿي ويو آهي. قسمت سينيما ختم ٿي ويئي آهي. گهڻي عرصي گذرڻ جي ڪري منھنجي ذهن ۾ رستي جا ڌنڌلا نقش هئا. بھرحال ڊرائيور کي گائيڊ ڪندي آرام باغ کان مڙي بندر روڊ پار ڪري سول اسپتال واري سڙڪ تي آياسين. ان سڄي علائقي ۾ بازارن وغيرہ هئڻ ڪري هونئن ئي رش گهڻي هوندي هئي، پر ان وقت ان سڙڪ کي ٻيھر ٺاهڻ لاء ٻنھي پاسن کان کوٽي ڇڏيو هئائين، جنھن جي ڪري ٽريفڪ جام هئي. بھرحال چڱي دير کانپوءِ سول اسپتال کانپوءِ ٻئي چوراهي تان اڙدو يونيورسٽي لاء مڙياسين. اهو ڪئمپس بلڪل بازار جي وچ ۾ آهي. جيتوڻيڪ اندر هڪ ڪشادي جاءِ آهي. يونيورسٽي کليل هئڻ ۽ ڪلاسن هلڻ جي ڪري ڪئمپس ۾ سرگرمي هئي. شاگرد مختلف ٽولين ۾ ويٺا هئا. آفيس مان ان سيمينار جي هنڌ جو معلوم ڪرڻ تي انھن هڪ شاگرد کي چيو تہ مون کي اها جاء ڏيکاري.
اهو ڄڻ هڪ ڪلاس روم ئي هو. پوء ڊاڪٽر توصيف ٻڌايو تہ کين يونيورسٽي روڊ واري سائنس ڪيمپس ۾ سٺو آڊيٽوريم ملي سگهيو ٿي، پر هتي پروگرام ڪرڻ جو مقصد اهو هو تہ هتي آرٽس ۽ ڪامرس جا غريب ۽ هيٺئين طبقي سان واسطو رکندڙ شاگرد فائدو وٺي سگهن.
هونئن آرٽس ڪائونسل ۽ ٻين جاين تي جيڪي تاريخ ڪانفرنسون ٿيون آهن انھن کي باقاعدي مشتھر ڪيو ويندو هو ۽ انھن ۾ عام ماڻھو بہ شريڪ ٿيندا هئا. پر هن ڪانفرنس جي خاص ڳالھہ اها هئي تہ ان کي بلڪل ئي مشتھر نہ ڪيو ويو هو. هڪ لحاظ کان اهو پروگرام ڄڻ تاريخ شعبي جي شاگردن لاءِ هو. ڪمري ۾ آئون داخل ٿيس تہ پويون سڀ ڪرسيون شاگردن سان ڀريل هيون. ٻاهران آيل ماڻھن ۾ ڳالھائيندڙ، منتظميين ۽ ڪجهہ ٻيا ماڻھو هئا.
ڊاڪٽر مبارڪ پنھنجي صحت جي ڪري پاڻ اچي نہ سگهيو هو پر هن آن لائين شروعاتي ڳالھہ ٻوله ڪئي هئي. ان پروگرام جا ٻہ سيشن هئا. هر سيشن ۾ ڇهہ کان ست ڳالھائيندڙ هئا. آئون جڏهين پھتس تہ پھريون سيشن هلندڙ هو، جنھن جي صدارت ڊاڪٽر جعفر احمد پئي ڪئي. جيئن تہ اهي پيپرز تاريخ ميگزين ۾ شائع ٿيڻا هئا، ان ڪري هر ڳالھائيندڙ کي پندرنھن کن منٽن جو وقت ڏنو ويو هو، جنھن ۾ هو رڳو پنھنجي مقالي جو تت ٻڌائي سگهيو ٿي. مختلف مقررن پاڪستان جي مختلف علائقن جي رسم رواجن ۽ سياست ۽ معيشت وغيرہ جي حوالي سان روشني وڌي. اسلم خواجہ سنڌ ۾ شيدين جي اچڻ ۽ انھن جي زندگي جي مختلف پاسن تي خاص طور محمد صديق مسافرجي ڪتاب جي حوالي سان روشني وڌي. ٿر جي حوالي سان سھيل سانگي ڳالھہ ٻولھہ ڪئي جڏهين تہ ڪراچي جي حوالي سان انگريزن جي تعميرات، ڪراچي جي ڳوٺن ۽ ڪراچي جي بدلجندڙ صورتحال تي ثاقب، رئوف نظاماڻي ۽ رمضان بلوچ پنھنجا خيال پيش ڪيا.
آخر ۾ يونيورسٽي جي تاريخ شعبي جي پروفيسر صدارتي ڪلمات چيا.
