آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

عجيب ڳالھيون

صبوح جو واڪ ڪندي ڪڏهين ڪڏهين ڪن عجيب ماڻھن سان ملاقات ٿيندي آهي. ٿورو عرصو اڳ جي ڳالھہ آهي فجر جو وقت هو آئون اڃا گهران نڪتو هوس تہ هڪ نوجوان اچي مليو. هٿ ملائڻ کانپوء مون کي نھايت نماڻي انداز ۾ چيائين تہ انڪل سڄي رات گذري ويئي آهي گهر وارا مون کي در نہ ٿا کولين. اڄڪله جون جيڪي حالتون آهن ان ۾ ڪنھن تي ڀروسو ۽ همدردي ڪرڻ ڏکي ڳالھہ آهي. ان ڪري مون سندس ڳالھہ ٻڌي ۽ کيس تسلي ڏيئي اڳتي وڌي ويس.
ٻئي ڀيري ائين ٿيو تہ آئون اڃا واڪ ڪري پارڪ مان نڪتس تہ موٽر سائيڪل تي ٻہ نوجوان اچي منھنجي آڏو بيٺا. انھن پڇيو تہ انڪل ٽائم ڇا ٿيو آهي. مون کين چيو تہ مون وٽ واچ ناهي. پوء ڀلا اوهان وٽ موبائل تہ هوندو. مون کين چيو تہ نہ مون وٽ موبائل بہ ناهي. ڇاڪاڻ تہ واڪ ڪندي آئون موبائل نہ کڻندو آهيان. مون کي اها ڳالھہ سمجه ۾ نہ آئي تہ آيا انھن جو مقصد واقعي وقت معلوم ڪرڻ هو يا موبائل ڦرڻ هو. ڇاڪاڻ تہ موبائل انھن ڇوڪرن وٽ بہ ضرور هوندو.
اڄ آئون واڪ ڪري جيئن پارڪ مان نڪتس پئي تہ منھنجو هڪ واقف هڪ نوجوان سان ڳالھائي رهيو هو. آئون کين سلام ڪري پارڪ مان نڪري آيس. ڪجهہ اڃا اڳتي مس ويو هوندس تہ اهي ٻيئي اڃي مون کي گڏيا. ان نوجوان جو مسئلو اهو هو تہ رات دير سان ٻين وڳي گهر وڃي ٿو ۽ ان مھل گهر وارا ان کي در نہ ٿا کولين. هو پڇي پيو تہ ڇا اهو ممڪن آهي تہ رات ان پارڪ ۾ گذاري. ڇاڪاڻ تہ هتي رات ۾ گهڻا ماڻھو اچي شراب وغيرہ پين ٿا. اسان کيس چيو تہ اهو خطري کان خالي ناهي. ان نوجوان جي پنھنجي چواڻي تہ هو مختلف نشا ڪري ٿو ۽ کيس اهو بہ ڊپ هجي ٿو تہ کيس ڪينسر ۽ ٻيون مختلف بيماريون نہ ٿي پئن. هن نوجوان جي عمر پنجويهہ سال هئي ۽ سندس چواڻي تہ هو اٺين ڪلاس ۾ پڙهي ٿو. اسان کيس چيو تہ بھتر اهو آهي تہ هو نشي مان پنھنجي جان آجي ڪري ۽ هڪ معمول جي زندگي ڏانھن اچي.
سماج ۾ جيڪا ٽوڙ ڦوڙ ٿي رهي آهي ان گهڻا سماجي ۽ معاشي مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. خاص طور نوجوانن کي پنھنجي گهر مان اها آسيس ۽ تحفظ جو احساس نہ ٿو ملي جيڪو کين هڪ نارمل زندگي گذارڻ ڏانھن وٺي وڃي.