آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

رسم و رواج

اٽڪل چاليهہ سال کن اڳ جي ڳالھہ آهي تہ اسٽيٽ بينڪ OIC جي اسلامڪ فنانس تي ورڪنگ گروپ جي هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي هئي. ان ۾ مختلف مسلم ملڪن جا نمائندا شريڪ ٿيا هئا. انھن جي پروٽوڪول اسٽاف ۾ آئون بہ شامل هوس. منھنجي ڊيوٽي هڪ آفريڪي ملڪ جي مرڪزي بينڪ جي سينيئر افسر سان هئي. انھن کي شھر جي مختلف جاين ۽ بازارن وغيرہ ۾ وٺي وڃڻ، پڻ اسان جي ڪم ۾ شامل هو. هڪ ڀيري شھر ۾ گهمندي هن ٻڌايو تہ کيس پنھنجي پٽ لاء ڪجهہ خريداري ڪرڻي آهي. هن ٻڌايو تہ هتان واپس وڃڻ کان ڪجهہ عرصي کانپوء سندس شادي آهي. مون کي حيرت ٿي تہ اهو ڪيئن ممڪن آهي تہ هڪ مسلمان کي شادي کان اڳ پٽ بہ آهي ۽ هو ان کي اون بہ ڪري ٿو. پوء مون سوچيو تہ مون کي اها ڳالھہ سمجه ۾ آئي تہ صدين کان جيڪو ڪلچر ۽ طور طريقا ماڻھو جي اجتماعي شعور جو حصو بڻجن ٿا، اهي هڪدم تبديل نہ ٿا ٿين. اهڙي ريت آفريڪا جي قبائلي سماج ۾ جنس ۽ شادي وغيرہ جا جيڪي رسم رواج آهن، اهي اسان کان بلڪل مختلف آهن. ان سان انھن جي مذهب سان وابستگي تي ڪو اثر نہ ٿو پئي.