آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڪٿائن جي ڪھڪشان

رئوف نظاماڻي سوشل ميڊيا تي يادگيريون/ساروڻيون ۽ ڪٿائون لکندو رھندو آھي. ھن ڪتاب ۾ سندس اھڙين 114 ڪٿائن کي سھيڙيو ويو آھي. سندن ڪٿائن ۾ اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندي اتان جون يادگيريون، اسٽيٽ بئنڪ ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جون ڪٿائون، ڪراچيءَ جي ادبي، علمي، سياسي ۽ سماجي روئداد سان گڏ نامور شخصيتن جو أحوال، دوستن ۽ خاندان وارن جون ڪٿائون، ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن جو أحوال، زندگيءَ جي دردن ۽ سُکن جي ڪٿا شامل آھي،

Title Cover of book Kathaun Ji Kahkashan

بابر اياز ۽ قصو هڪ ڪتاب جو

گهڻو عرصو بيمار رهڻ کانپوء ناميارو صحافي ۽ ليکڪ بابر اياز گذاري ويو. هن پنھنجي حياتي جو شروعاتي گهڻو عرصو سکر ۾ گذاريو، جتي سندس شيخ اياز ۽ ٻين سنڌي ليکڪن سان ملاقاتون ٿيون. هو پنھنجي ڪتاب What is Wrong with Pakistan جي صفحي 86 ۾ لکي ٿو تہ جڏهين اوڀر بنگال ۾ فوجي آپريشن شروع ٿيو تہ پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي ۽ سنڌي قوم پرست ان جي خلاف هئا. ان وقت شيخ اياز عوامي ليگ جو عھديدار بہ هو. آئون مزدور اڳواڻ اعزاز نذير ۽ کاٻي ڌر ڏانھن لاڙو رکندڙ شاعر حسن حميدي سان گڏجي شيخ اياز وٽ اهو چوڻ لاء وياسين تہ هو ان مسئلي تي هڪ عام جلسي ۾ ڳالھائي. پر هن اهو چئي اسان کي موٽائي ڇڏيو تہ هو ان موقعي تي فوج خلاف ڳالھائڻ کي بيوقوفي سمجهي ٿو. پر اها ڳالھہ شيخ اياز کي گرفتاري کان نہ بچائي سگهي ۽ هو متعصب مھاجر اينٽيليجينس جو نشانو بڻجي ويو.
بابر صحافت سان گڏ کاٻي ڌر جي سياست سان بہ لاڳاپيل هو. شاگردي واري دور ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ هو اين ايس ايف سان لاڳاپيل رهيو. پوءِ ان جي سوويت يونين ۽ چين جي نظرياتي اختلافن جي بنياد تي رشيد حسن خان ۽ ڪاظمي گروپ ۾ ورهائجڻ جي ڪري هو ڪاظمي گروپ سان گڏ رهيو. سندس ڊاڪٽر م ر حسان ۽ فصيح الدين سالار سان خانداني لاڳاپا بہ هئا ۽ هو سندن جماعت ڪميونسٽ ليگ ۾ بہ هو. منھنجي ساڻس واقفيت عوامي ادبي انجمن جي گڏجاڻين ۾ ٿي، جتي هو باقاعدي ايندو هو. هو ڊان سان بہ لاڳاپيل رهيو ۽ پوءِ ٻين مختلف اخبارن جھڙوڪ ڊيلي ٽائمز، ايڪيپريس ۽ عوامي آواز ۾ بہ سندس ڪالم انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ شائع ٿيندا هئا.
مون سان سندس تعلق هن ريت بہ ٿيو تہ هن پنھنجو انگريزي ۾ لکيل ڪتابWhat is wrong with Pakistan سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ چاهيو ٿي. هن مون سان رابطو ڪيو ۽ اسان ڳالھہ ٻولھہ ڪري ان تي متفق ٿياسين. آئون ڪتاب جا مختلف باب ترجمو ڪري کيس ڏيندو ويس، جيڪي هن عوامي آواز ۾ پنھنجي دوست جبارخٽڪ جي سھڪار سان ڪمپوز ڪرايا. پروف وغيرہ ڏسي ڪتاب فائنل ڪرڻ کانپوءِ هن مختلف پبلشرن سان رابطو ڪيو. کيس شايد اهو اندازو نہ هو سنڌي پبلشر ليکڪ کي معاوضو ڏيڻ بدران اڃا کانئس پئسا وٺندا آهن. هڪ اڌ پبلشر کيس ڪتاب جون پنجاه ڪاپيون ڏيڻ لاءِ چيو، جنھن تي هو راضي نہ ٿيو ۽ مون کي چيائين تہ هاڻي ڇا آئون ماڻھن وٽ وڃي ڪتاب وڪرو ڪيان. نيٺ هو تنگ ٿي ويو ۽ ڳالھہ ايستائين اچي پھتي تہ مون کي چيائين تہ يار هاڻي ڪتاب ڇپجڻ گهرجي، پوءِ ڀلي مون کي ڪجهہ بہ نہ ڏين. مون هڪ پبلشر سان ان سلسلي ۾ رابطو بہ ڪيو، جنھن کيس اڳ ڪتاب جون پنجاه ڪاپيون ڏيڻ لاء چيو هو، پر هاڻي ملڪي صورتحال ۽ ڪتاب جي مواد کي ڏسندي، هن اهو ڇاپڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بھرحال گهڻي وقت کانپوءِ هن ان ڪتاب جي سي ڊي فڪشن هائوس کي ڏني. ڪجهہ وقت کانپوء جڏهين مون کانئس ڪتاب متعلق پڇا ڪئي تہ مون کي ٻڌايائين تہ هو چون ٿا تہ اها سي ڊي گم ٿي ويئي آهي ۽ هو ڪتاب ڇاپي نہ ٿا سگهن. مون کيس چيو تہ اوهان پاڻ ميڊيا سان لاڳاپيل هڪ سمجهدار ماڻھو آهيو اوهان کي ان جي هڪ ڪاپي ۽Back up پاڻ وٽ رکڻ گهرجي ها. جنھن تي هن چيو تہ ها اها واقعي غلطي ٿي ويئي ۽ مون اهو نہ رکيو. اهم ڳالھہ اها هئي تہ اهو مسودو بہ وٽس محفوظ ۽ سنڀاليل نہ هو ۽ ان جو ڪافي حصو ضائع ۽ گم ٿي ويو هو. ڪجهہ وقت کانپوء سندس فيميلي مون سان رابطو ڪيو ۽ چيو تہ اسان اهو ڪتاب ٻيھر ترجمو ڪرائڻ چاهيون ٿا. منھنجي لاء هڪ مڪمل ٿيل شي، جنھن تي گهڻي محنت ٿيل هجي، کي نئين سر ٻيھر ڪرڻ هڪ ڏکي ڳالھہ هوندي آهي. ٻي ڳالھہ تہ آئون ان وقت ڪجهہ ٻين ڪمن ۾ بہ مصروف هوس. ان ڪري مون کين چيو تہ آئون ٻيھر ان کي نہ ڪري سگهندس.
ڪجهہ عرصي کانپوءِ خبر پيئي تہ ان ڪتاب جو سنڌي ۾ ڪنھن ٻئي همراه کان ترجمو ڪرائي ان کي شائع ڪرايو ويو. مون کي ترجمي جو طئي ٿيل معاوضو تہ ترجمي مڪمل ٿيڻ کان فوري پوءِ ادا ڪيو ويو هو. پر افسوس رڳو ان ڳالھہ جو هو تہ ان ڪتاب جي ترجمي جو ڪم مون ڪتاب جي مواد ۽ ان جي تجزياتي رخ کي ڏسي هٿ ۾ کنيو هو. ان ڪم تي اٽڪل منھنجا ٽي چار مھينا لڳا هئا. هڪ ليکڪ جي خوشي ۽ خواهش ان ڳالھہ ۾ هوندي آهي تہ سندس ڪم پنھنجي توڙ تائين پھچي. پر ان ڪم جي سلسلي ۾ ائين نہ ٿي سگهيو ۽ هڪ افسوس رهجي ويو.
پنھنجي بيماري ۽ بستر تائين محدود ٿيڻ تائين، بابر پنھنجو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو رهيو. کيس هڪ روشن خيال صحافي، ليکڪ ۽ هڪ سٺي دوست طور ياد ڪيو ويندو.