مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

جان جان پرين پچار ـــ (مهاڳ)

حڪيم دين محمد اڪرم علم وارن اديبن جي شهر ٻورڙي ضلعي دادو جو رهاڪو آهي جنهن ڳچ وقت کان وٺي اچي ڪوٽڙي شهر کي وسايو آهي، هن حڪمت سان گڏ اتي شعر ۽ ادب جو ڏيئو ٻاريو آهي. ڪنهن وقت ڪوٽڙي علم ادب جو مرڪز هو، هتي ليٿو پريس هئي ۽ هتان ڪتاب شايع ٿيندا هئا. راقم ڪوٽڙي ۾ مرحوم شمس الدين قريشي کي ڏٺو هو جنهن ان وقت ڪتابن جي طباعت ۽ اشاعت کي ورثي طور پئي سنڀاليو. ڪتاب مصلح المفتاح عرف دائري واري جي سنڌي، پهريائين ڪوٽڙي بندر مان شايع ٿيو. ڪو وقت هو جو وڏي شاعر ۽ حڪيم فضل محمد عباسي تخلص ماتم، اباڻي ڳوٺ هٽـڙي مان لڏي اچي ڪوٽڙي کي پنهنجي شاعري ۽ حڪمت جو مرڪز بنايو هو. هن دؤر ۾ شاعر ۽ حڪيم دين محمد، تخلص اڪرم، پنهنجي اصل شهر ٻورڙي بدران ڪوٽڙي کي پنهنجو مسڪن ڪيو آهي ۽ اتي شعر ۽ ادب جي اڳئين روايت کي اجاريو آهي.
حيدرآباد جي علمي ادبي محفلن ۾ به حڪيم دين محمد اڪرم جي شرڪت ۽ حاضري غنيمت آهي. سندس پيش ڪيل مضمون ادبي سواد ۽ عبارت آرائي سان سينگاريل هوندا آهن.
“جان جان پسڻ پرين جو، جان جان پرين پچار”

پياري نبي صلى الله عليه وآله وسلم جي سڪ ۽ پچار، اڪرم صاحب جن جي هن ديوان جي عنوان “سندي سڪ پرين” جي پيارن لفظن ۾ اظهار ٿيل آهي، هي ديوان اڪرم صاحب جي نبي ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم سان دلي محبت جو آئينو آهي، ۽ ان جي پڙهڻ سان محبت وڌندي ۽ رحمت عطا ٿيندي.

سنڌ يونيورسٽي
حيدرآباد، سنڌ
19-1-2003

دعاگو
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
سنڌ يونيورسٽي