مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـحمـد مـصـطـفـىﷺ مـدنـي ٿـيو مـهـمـان يـزدانـي

مـحمـد مـصـطـفـىﷺ مـدنـي ٿـيو مـهـمـان يـزدانـي
مـٿـس مـهـر و مـحـبـت جـي فـراوانـي ٿـي رحـمـانـي

صـداقـت ڏي تـون صـديـقـي جـلال و جـاھ فاروقي
عطـا ڪـر حـيدري قـوت سـخـاوت ڏي تـون عثماني

عـطـا جـذبـئه حُـر ۽ حـسـيـني عـزم وارو ڪـر
ڪـيون اسـلام کـي زنـدهـه اهــا قــوت ڏي ايـمـانـي

وري خـالـد ۽ طـارق جـو اٿـي سـڀ دؤر دهـرايـون
جـھـاد جـوش کـي ڏسـندي وٺـي غيرن کي حيراني

خـدا پنهـنجو نبيﷺپنهنجو ٿيو قرآن ڀي پنهنجو
خـدا وٽ هـي دعـا آهـي اچـي رهـجـي مـسـلـمـانـي

مـحـرف ديـن ٿـيا ٻـيـا پـر مـسـلـم ديـن فـطـرت هو
اهـو اول اهـو آخـر خـدا جـو ديـن لاثــانـي

اٿي تـون نـنـڊ ڇـڏ اڪــرم هـڻي نـعـرو رسـالـت جـو
جـھـان وارن کـي ڏس پنهنجي حڪمراني ۽ سلطاني