مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـونـکـي بـه سـڏائـيـندو سـرڪـار مـديـنـي ۾

مـونـکـي بـه سـڏائـيـندو سـرڪـار مـديـنـي ۾
شــب روز رهــائـيـندو ســرڪــار مـديــنـي ۾

ڏوهـن ۽ بـرايـن ۾ ورتـل کـي سـڌاري خـود
تـقـديـر بـنائـيـنـدو سـرڪــار مـديـنـي ۾

هــن آس تـي ئـي زنـده دنــيـا ۾ گــذاريــان ٿــو
هـڪ ڏيـنهـن گـھرائـيندو سـرڪـار مـديـنـي ۾

پـڪ آهـي اهـا مـونـکـي ڳـڻتي مـان ڪـيان ڇـا لـئه
حــالات ســڌاريــنـدو ســرڪــار مـديــنـي ۾

هـڪ وار ڏسـان روضـي جـي پـاڪ مـنـارن کـي
هـيءَ آس پـڄـائـينـدو سـرڪـار مـديـني ۾

جـذبات جـي دريـاهـه مان مون نعت لکي دل سان
مـونـکـي سـا پـڙهـائـيـنـدو سـرڪـار مـديـنـي ۾

جـو عـرض ڪـري اڪـرم روئـي ۽ ٻـڌي ٻـانـهـون
سـو عـرض اگـھـائـيـنـدو سـرڪــار مـديـنـي ۾