مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـٺي محبوب مدني جي آهيان ديدار جوطالب

مـٺي محبوب مدني جي آهيان ديدار جوطالب
زمـانو آهـي سـارو ٿيو مـٺي منـٺار جـوطـالـب

حسينن کان حسين آهي محمدﷺآمنه جو لال
جھـان جـوذ رھ ذرھ ٿيو سندس انـوار جوطالب

مبارڪ صد مبارڪ هت محمد مصطفىﷺ آيو
پـڙهـو صـل عـلى جـيڪـو ٿـيو غمٽار جو طالب

منادي چوطرف آئي خبر خوشين سندي آ ئي
ڪـيو ديـدار مدني جـو هـجي جـو يار جوطالب

حياتي ٿي سجائي وئي انهئَ جي يار اڪرم اڄ
حياتي ڀر رهيو جيڪو سچي سردار جو طالب