الله لـڳ حـبـيـب خـدا مـيـر مـرسـل
ٻــڌ عــرض ۽ الـتـجــا مـيـر مــرســل
جـھـان ۾ اوهـانـجـو نـه ڪـوئـي مـثـال
نـه ثـانـي ڪـو تـنـهـنـجـو مٺا مير مرسل
سـندءِ يـاد دل ۾ زبـان تـنهـنـجي ذاڪـر
ٻـئـي تـولـئه وقـف ثـنا مـيـر مـرسـل
اوهــانـجــو بـدن نـور ئـي نـور آهــي
۽ چـهـرو سـندءِ ٿـيـو ضـيـا مـيـر مـرسل
خـدا ڀـي ثـنـا خوان جڏهن تنهنجو آهي
ڪري مان ڇا سگھندس ثنا مير مرسل
وڃـان ڇـو سوالي ٻـئي جـي مان در تــي
کلـيـل تـنـهـنـجـو در دائـمـا مـيـر مرسل
سـخـي ڪـر سـخـاوت وڃان مان نه خالي
سـندءِ درجـو آهـيـان گـدا مـيـر مـرسـل
مـديـنـي ۾ جـلـدي گـھـرايـوم آقــا
اهــا پـوري ڪـر مـدعـا مـيـر مـرسـل
اٿـم دل ۾ شــوق زيــارت اوهــانـجــي
پـسائـج تـون پـنهنـجو لقـا مـير مـرسل
گـناهـن جـي گـرداب ۾ ڦـاٿـي ٻـيـڙي
سـگـهـو بـڻـجـي اچ نـاخـدا مـيـر مـرسـل
سـدا اشـڪـبار آهـي اڪـرم هـي عـاصـي
انـهـيءَ تي ڪـرم جي عـطـا مـيـر مـرسـل