مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

آمـنـه جـي لاڏلـي مـنـٺار ڪـئـي دل بـاغ بـاغ

آمـنـه جـي لاڏلـي مـنـٺار ڪـئـي دل بـاغ بـاغ
دلـربـا ۽ دادلـي دلـدار ڪـئـي دل بـاغ بـاغ

عـشـق بس محبوب سان آهي ڪئيو پروردگار
تنهن نبي نورالهداﷺ انـوار ڪـئي دل بـاغ بـاغ

جـنهن ڏنـو تـحـفو اسـانکي آهـي هـي ام الڪتاب
دؤر ان جو مون ڪري صدبار ڪئي دل دل بـاغ باغ

هـر انـڌيـري کـي مـٽائـي جـنهـن مـنور هو ڪيو
وسوسا دل مان ڪڍي مهندارڪئي دل باغ باغ

دؤر دوران چـوطـرف هـو ڪـفر بدعت بي حساب
وقـت اهـڙي ۾ اچـي سـردار ڪـئي دل باغ باغ

ساري جڳ جنهن کي مڃيوپنهنجوهوصادق امين
قـاسـم و ڪـوثـر انـهيءَ دلدار ڪئي دل بـاغ بـاغ

جـو ڪـري ويران بستين کي وري شـاداب ويو
رحمت حق گل سندي گلزار ڪئي دل بـاغ بـاغ

يـاد اڪـرم کـي رهي هـردم سندءِ ٿـو نـام يـار
نام تنهن برڪت ڀرئي هربار ڪئي دل باغ باغ