ادا حـاجـي وڃـين پـهـچين جـڏهـن دلـدار جي در وٽ
نمـاڻـو حـال هـي منهنجو ڪجانءِ سرڪار جي در وٽ
رڙي روئـي حـيـاتـي مـون گـذاري تـنـهـنجي فرقت ۾
امـيدن تـي گـذاريـان پـيـو پـڄـان سـردار جي در وٽ
سـمـورا ڀـر جھـلا مـونـکان ڀـڄـي بـيـزار ٿـي ويـا سـڀ
ڪسمـپرسـي جـي عـالـم ۾ پـڄـان غـمٽار جي در وٽ
نـه حـيـلـو ڪـو هـلـي مـنـهـنـجـو وسيلو ناھ توريءَ ڪو
ثمـر نـاهي نڪـو سـاٿي رسـان ڪيئن يار جي در وٽ
ڪـرم ٿيـندو وڏو مـونـتي مـحـمدﷺ مـير مـدنـي جـو
سـڏي مـونکي تـه سنڌڙي مان سڄڻ هڪوار جي در وٽ
اسـر آڌي پـيو سـاريـان مـحـمـد ﷺ مـيـر مـدني کي
پڄـي ويندس ڪڏهن مان ڀي مٺي منٺار جي در وٽ
خـطـائن تي خـطـائـون سڀ وينديون ٿـي مـعـاف لحـظـي ۾
فـقـط آ ديـر پـهـچـان مـان سـخـي سـردار جـي در وٽ
ڪـرم اڪـرم مـٿـان يـارو ڪـريـمـن جـو وڏو آهـي
اهو ڀي ڏينهن پري ناهي ڏيندس دم يار جي در وٽ