مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

عـالم سـڄـو آهـي ڪـيـو مـدنـي مـٺـي مـنـٺـار خـوش

عـالم سـڄـو آهـي ڪـيـو مـدنـي مـٺـي مـنـٺـار خـوش
گـوندر ويا سڀ غم ويا عالم ڪيو سرڪار خـوش

آ تو شـئه هـر دوجـھـان جـو نـالـو مـحـمـد ﷺ مـير جـو
هـرهـڪ مـصـيـبـت ۽ بـلا ٽـاري ڪـيو غـمـٽـار خــوش

مـاکـي ڪـنان آهـي مـٺو مـرسـل مـٺي جــو نــام ٿـيـو
هـر دم پـڙهـان صـل عـلـى مـونکي ڪيو مختار خوش

آيـو مـحـمـد مـصـطـفـى صـل عـلى جــو غــل ٿــيو
هـن ورد سـان قـلـب کـي احـمـدﷺ ڪيو اظهار خوش

ٿـي رحـمـت الـعـالـمـيـن آيـو حـبـيـب ڪــبـريــا
ويــران بــسـتـين ۾ ڏسـي مــارو ٿـيا هـر وار خــوش

مـحـبوب کـي هـو خـود خدا ديدار لئه پنهنجي گھرايو
مـرسـل مـٺي جـو ئـي ڏسـي مـولى ٿيو سينگار خوش

اڪـرم مـحـمـد مـصـطـفـى ﷺ جـھـڙو سڄڻ ناهي ٿيو
ديـدار جـنهن جي سان ٿيو عالم سڄو هڪوار خوش