مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـحـمـد مـٺـي سـان ڪـيـو پـيـار سـڀ

مـحـمـد مـٺـي سـان ڪـيـو پـيـار سـڀ
ڪـيـو زنـدگـي ڀـر ســو قــرار ســڀ

مـحـمـد مـٺـي کـي مـڃـي دل ســان يــار
ٿـي ويـنـدا اوهـان کـي تـه ديـدار سـڀ

وڃـايـو مـتـان وقــت يــارو اجــايــو
نـبـي کـي ڇـڏيـندو ٿيـندو خـوار سـڀ

ڏنـو مـاڻـهـپـو مــاڻـهــن کــي نـبــئَ
سڏي سانگي ڪيا تنهن ته بيدار سڀ

اوهـانـجـي اچـڻ سـان سـڻايون ٿـيـون
انـدر ڪــارا اجـري ٿـيـا انـوار ســڀ

وٺـي نـام تـنهـنـجـو ڇـٽـي ويـا سـڀـئي
هـئا مـجـرم جـي عـاصـي گـنـهـگـار سـڀ

درود تــاج اڪــرم جــو وضـيـفـو ٿــيـو
پـڙهـڻ سـان جـنـهـنـجـي لهن بار سڀ