مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

ماري ٿي تنهنجـي فرقت هردم رسـول پاڪ ﷺ

ماري ٿي تنهنجـي فرقت هردم رسـول پاڪ ﷺ
مـون تـي ڪيو عـنايت هـر دم رسول پاڪ ﷺ

سـاڻـيھه ۾ ٿـا سـانـگـي تـوکـي سـاريـن اڄ
توسان رکـن ٿـا الفـت هـر دم رسول پاڪ ﷺ

هـن ڏيـهـه جـا ڏکـويـل تـوڏي پـيـا ڏسـن
تن تي ڪيو ڪا شفقت هردم رسول پاڪﷺ

مـارن سـان هـت بـرايـون بيحد وڌي ويون
تـنهنجـي کـپي قـيادت هـردم رسول پاڪﷺ

قــرآن کـي صـفــا اڄ دنـيـا وســاريـو
سيني ۾ ڏي هدايـت هـر دم رسـول پـاڪﷺ

ٿـي ذات نـور تـنـهـنـجـي قــرآن نــور آ
مـاڻهن کي ڏي بصيرت هردم رسول پاڪ ﷺ

راھ نـجـات آهــي ســنـت رســول ﷺ جــي
هـر قـول ۾ حـقيقـت هـردم رسـول پـاڪﷺ

سـالـن کـان جـي هـا جـاهـل بـاطـل پـرسـت
تـن مـان ڪڍي جھالت هردم رسول پاڪ ﷺ

شـافـي ڪـندو شـفـاعـت اڪـرم کـي آ يقين
نـيندو سـوپـاڻ جـنـت هر دم رسول پاڪ ﷺ