مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

نـام تنهـنجـو مصطـفـىﷺمنهنـجـو عـلاج

نـام تنهـنجـو مصطـفـىﷺمنهنـجـو عـلاج
ڪـير ڪـندو ٻـيـو مـٺـا مـنـهنـجـو علاج

بـاھ ڀـڙڪـي چـؤطـرف آهـي بـرھه جـي
ڪـر مـسيحـامصطفـىﷺ منهنجو علاج

درد دل جـو ڪــونـه ڄـاڻـي ٿـو حـڪــيم
نـانءُ تنـهنـجـي ۾ دوا مـنـهـنـجـو عـلاج

مـون طـبـيـبـن کـي گـھـڻـو هـت آزمـايو
تـو سـوا نـاهـي شـفـا مـنـهـنـجـو عـلاج

ورد مـنـهـنـجـو ۽ وضـيـفـو آ درود
لـفـظ آ صـل عـلـى مـنـهـنـجـو عـلاج

خـوب اڪـرم ٿـو پـڙهـي تـوتـي درود
تـو ڪـيـو شـافـي شـفـا مـنـهنـجـو علاج