مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

پـرين پـارت اٿو مـنهـنجـي مـٺا مـرسـل خدا ڪارڻ

پـرين پـارت اٿو مـنهـنجـي مـٺا مـرسـل خدا ڪارڻ
گـھـرائـي در پـسـاءِ پـنهـنجـو لقا مرسل خدا ڪارڻ

حـمـايـت ديـن دنيا ۾ کـپي هـر دم اوهـانـجـي ٿـي
اچـي واهـر وسـيلـو ٿـي سـچـا مـرسـل خـدا ڪـارڻ

رڙي روئي گذاريان پيو اوهانکي خوب ساريان پيو
مـدد ڪر مير تون منهنجـي سـدا مرسل خدا ڪارڻ

خـدا جـو دادلــو آهـين وڏو تـون آســرو آهــين
امـيدون تـون پـڄـائـيـندي مـٺـا مرسل خدا ڪارڻ

لـڳـائـي دل اٿـم تـوسـان رهـان خـوشـحـال ٿـو ڏاڍو
ڪـئي مـون تـي وڏي آهـي عـطـا مـرسـل خـدا ڪارڻ

درود تاج کي پڙهندي بلائون دور ٿيون ساريون
اهـا مون تي ڪـئي سهڻي سـخـا مـرسل خـدا ڪارڻ

نه غم آهي انهيءَ کي ڪو پڙهي جيڪو پيو صلواتون
هـتي هُتي ڪـندو اڪـرم شـفا مـرسـل خـدا ڪـارڻ