مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

اڱـڻ مـنهنـجـي هـلـي آيـو، مـٺو مـنٺـار بـسـم الله

اڱـڻ مـنهنـجـي هـلـي آيـو، مـٺو مـنٺـار بـسـم الله
سـخـي سـرور سـڄڻ سهڻو، سچو سـردر بـسم الله

ولادت بـا سـعـادت جـي، سـبـب ارض و سـما ۾ ٿـا
مـلائـڪ، انـس ۽ حـورون پـڙهـن صـدبـار بـسم الله

بـشـارت سـک سـندي آئـي مـحمدﷺمـير جي آئي
سڄـو عالـم پـيو ٻهڪـي، ڪـري سينگـار بـسم الله

ڏکـيا ڏهـلا ٿـيا سـرهـا، ۽ ويڙهيچن وريون پاٽيون
خـوشـي جـو آهـه مـارن ۾، وريـو غـمـٽار بـسـم الله،

گـناهـن ۾ گـذاريـو جـن ثـواب لـئه نـه جـي سـنبريا
خـدا جـو شـان تـن جـي پـڻ لـڌي تو سار بسم الله

امـيدن جـي سهـاري تـي حـياتـي مان گذاريان پيو
ڪـرائـيـندو مـونکـي اڪـرم سـڄـڻ ديدار بسم الله