مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

سـوين صلـواتـون سـيد تي، ٿيان سرڪار تان صدقي

سـوين صلـواتـون سـيد تي، ٿيان سرڪار تان صدقي
مـٺي مـحبوب مـدنـي ۽ سـچـي مـهـندار تـان صـدقـي

سـويـن سـک آئـي سيد جـي سـکيا سـاڻيهه ٿيا ڪيئي
سـڀئي سـانگـي ٿـيا سـرهـا سچـي سـردار تـان صدقـي

مٺي مرسل جـي آمد تي تـه ملڪان مـلڪ ٿـيون موجـون
مـلائڪ، جـن، مـاڻـهـون خـوش ٿـيا انـوار تـان صـدقـي

زبـان تي ذڪر هو جنهن جو دلين ۾ فڪر هو جنهن جـو
دوا سـو درد دل جـي ٿـيو انـهيءَ دلـدار تـان صـدقـي

اٻـوجـھـن ۽ ضـعـيفـن جـو اجـھـو ٿـي آسـرو آيـو
غـريبـن ۽ يـتيـمـن جـي ٿـيان غـمـٺار تــان صـدقـي

ٽـٽي پـيو زور بـاطـل جـو ڀـڄـي بـت ٿـيا سـڀـئي ٽـڪـرا
حـقيـقت نـور اطـهـر تـنهـن ٿـيان انـوار تـان صـدقـي

خـدا جـي در تـي اڪــرم جـي هـئي هـڪ الـتـجــا دائــم
هـتي تـوڙي هُـتي ٿـيان مـان سـندءِ ديدار تان صدقي