مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

عاشق رسول صلى الله عليه وآله وسلم

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
“مديني جون ڳالهيون مديني جا قصا
وڻـن دل کـي ڏاڍا، وڻـن دل کـي ڏاڍا،
[b]فـعـولـن فـعـولـن فـعـولـن فـعـولـن.[/b]
ساڳي بحر وزن ۾
بـهـارن ۾ آهـي رکـيو ڇـا اي آقـا،
اوهــان ســاڻ آهــي بهـارِ مدينـه .
يا هي
“وڏي ڳالھه تنهنجوثناخوان سڏايان
ڪرم خاص اڪرم تي تنهنجـو ڀـلارا.

سخن جي سر کي “رمل” ۾ ڊوڙائيندي چوي ٿو:
“شان تنهنجو شهنشاهي، سادگي تنهنجي مگر،
شـان قـدرت جـا ستارا، يا محمد مصطفى ﷺ”

“نعت” جي هڪ دلچسپ وصف، ابن رشيد هن طرح بيان ڪئي آهي ته “بليغ ترين وصف (نعت) جي تعريف اها آهي جو ڪن کي اک بنائي ڇڏي. لغوي معنى سهڻي وصف آهي ۽ اهڙي مجموعي ڪلام، هر صنف ۽ هر بحر وزن ۾ چيل کي “نعت” چئجي ٿو. منهنجي راستباز مخلص دوست محترم دين محمد “اڪرم” جون نعتون هر معيار تي پوريون آهن. کيس حبِ رسول ﷺ ۽ نعت گوئي تي دلي مبارڪون پيش ڪيان ٿو.

[b]ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
بيت العزت ڄامشورو
10 فيبروري2003ع [/b]