مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

اٿـم خـواهـش ڏسـان محبوب ۽ منٺار جي صورت

اٿـم خـواهـش ڏسـان محبوب ۽ منٺار جي صورت
اٿم سڪ شل ڏسان هـيڪرسچـي سردارجي صورت

خـزان ۾ مثل بلبل جي ڪري دانهون پئي ٿي دل
ڪـرڻ پـرواز ٿـي چـاهـي ڏسـان گلزار جي صورت

نـه پـيـدا آدم و حـوا ٿـيـا، آ عـشـق ان کـان اڳ
ازل کــان آرزو آهــي ڏســان دلــدار جــي صـورت

خـدا يـا عـرض اڪـرم جـو طـفيل شـافـع مـحـشر
اگھائج تون ڏسان جلدي سچي سردارجي صورت