مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

نـبي محمد ڪريمﷺآيو، خوشيون ملهايون حضور آيو

نـبي محمد ڪريمﷺآيو، خوشيون ملهايون حضور آيو
رسول رحمت رحيم آيو، خوشيون ملهايو حـضور آيو

بـشـير آيـو نـذيـر آيـو مـنــير آيــو بـصــيـر آيــو
عـظيـم تـرٿـي عظيم آيو،خوشيون ملهايوحضور آيو

جـناب عـالـي جـناب آيـو، جـھـان ۾ انـقـلاب آيـو
يـتيـم درِ يـتيـم آيـو، خـوشـيون مـلهايو حـضور آيو

نـبي جـو خـيرالانـام آيـو، جـھـان جـو سـارو نظام آيو
رسول رحمت نديم آيو،خوشيون ملهايوحضور آيو

نبين جو رهبر جھان جو هادي هتي هُتي جو امام آيو
شـفيع، عـادل عليم آيو، خوشيون ملهايو حضور آيو