مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـصطفى ﷺ محبوب تنهنجو فيض عالمگير آھه

مـصطفى ﷺ محبوب تنهنجو فيض عالمگير آھه
نـام تـنهنـجـو هـر بـلا لـئه نـخـسئه اڪـسير آھه

تنهنجي آمدسـاڻ عـربي ڪـوٽ ڪـسرى جا ڪـريـا
نـور سان تنهنـجـي ٿيو سارو جـهان تنويـر آھه

بـت پـرستن جي تو بستي ۾ ڏنو حق جو پيغام
تـوڪئي نئين سرجهان جي دين سان تعمير آھه

دين تنهنجي جي خدا خود پاڻ ڪئي تعريف آ
ٿـي سـدا تنهنـجـي زبـان قـرآن جـي تـفسير آھه

ٿـو ٻـڌان اڄ چـؤطـرف نـعـرئـي حـق جـي صـدا
هـي ته انـداز بـيـان تنـهنـجـي ڇـڏيـو تـاثير آھه