مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـحـمـدﷺ مـٺـا عـشـق پـنـهـنـجـو عـطـا ڪـر

مـحـمـدﷺ مـٺـا عـشـق پـنـهـنـجـو عـطـا ڪـر
ڦـٽل ڀـاڳ مـنـهـنـجـا تـون مـرسـل ڀـلاڪـر

فـقـط يـاد تـنـهـنـجـي، رهـي تـات تـنـهـنـجـي
اهـا دل تـون مـونـکـي تــه مـدنـي عـطـا ڪــر

سـوا عـشـق تـنـهـنـجـي نـه دنـيـا نـه عـقـبى
سـنـدءِ عـشـق ۾ ئـي تـه مـون کـي فـنـا ڪــر

اگــر عـشــق مـرســل جــو انـدر ۾ آهــي
وڃــان پــو مــديـنـي ۾ اهــڙي عـطــا ڪــر

ڏسـي پـاڪ روضـو وڃـي دم هـي نـڪــري
نـصـيـبن ۾ مـنـهـنـجـي تـون اهـڙي وفـا ڪــر

آهـي عـشـق ۾ جـنـهـن ثـمـر جـي ضـرورت
انـهـئَ مـحـبـت جــي دولــت عـطــا ڪــر

چـون يـار اڪــرم مــديـنـي ويــو اڄ
سـنـدءِ نـعـت خــوان جــي نـوازيـل صـدا ڪــر