مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

درود تــاج پــڙهــندي وڏو خــوشــحــال ٿــيـو آهـــيـان

درود تــاج پــڙهــندي وڏو خــوشــحــال ٿــيـو آهـــيـان
نبيﷺتي نـعت مـان پڙهندي وڏو خوشحال ٿيو آهيان

هـزاريـن غـم هـئا دل ۾ نـه راحـت روح ٿـي سـنـبريـو
درود آڌيءَ اسر پڙهـندي وڏو خـوشـحــال ٿــيو آهــيان

وٺـي نـالـو مـحـمـدﷺ جـو پـڙهـي صـلـوات سـرور تـي
سڄڻ گھمندي سڄڻ فرندي وڏو خوشحال ٿيو آهيان

طــفـيل مــير مــرسـل جــي هــي دنــيا آخــرت آهــي
مـحـبـت ڄــام رکــنـدي وڏو خــوشــحــال ٿــيو آهــيان

حقيقـت دوجھان جي هيءَ محمدﷺجـي ٿـي عـظمـت لـئه
انهيءَ جـو شـان مـان لکـندي وڏو خـوشـحـال ٿـيو آهيان

رهـان زنـدهـه هـتي جـيسين پـڙهـان صلوات پيو اڪرم
اڳـيان نـوريءَ جـي نـوڙندي وڏو خـوشحـال ٿـيو آهـيان