مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـٺي مرسل محمدﷺ تي چوان صل عـلـى هـر هـر

مـٺي مرسل محمدﷺ تي چوان صل عـلـى هـر هـر
درودن جـو ڪـجـي هـر سـو بـيـان صل علىٰ هر هر

درودن جـا کـڻـي تـحـفـا اُٿـي آڌيءَ اماڻـيـان ٿـو
ڪـرم سـرڪـار جـو آهـي عـيـان صـل عـلى هر هر

عـطـا واري عـطـا اهـڙي ڪـئي آهـي جـو ڇـا چئجي
اٿـي ويـهـي ڪـريـان وردِ زبـان صـل عـلى هـر هـر

دعـاگـو آهـيان اهـڙي نـصـيـبن ۾ اچـي سـاعـت
چـمي مـحـبوب جـي چـائنٺ چوان صل علىٰ هر هر

اسـر آڌي اٿـي ويهـي نـظـارا نـور جـا ڏسـندي
پـريـن جـي پـاڪ نـالـي جي چوان صل علىٰ هر هر

ويهي مسجد نبوي ۾ کڻي نظرون مان روضي ڏي
پڙهي تسبيح سبحـان جي چوان صل علىٰ هر هر

گھـڻي مـدت کـان دل انـدر رهـي ٿـي آرزو اڪــرم
ڏسـي روضـو زبـان تي ٿـئي روان صل عـلىٰ هر هر