مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـحمدﷺ مـٺي تي درودن جـا تـحفـا

مـحمدﷺ مـٺي تي درودن جـا تـحفـا
جـو رحمـت سـراپـا آ، رحـمـت سراپا.

خـدا جـو پـيارو مـحمـد ﷺ مـٺـو آ
زمـانـو تـه سـارو ٿـيو ان تـي شـيدا

ٿـيو عـرش نـوري، ٿيو فـرش نوري
جڏهن نورنوري محمدﷺ ٿيوپيدا

اٿــم آس الله ۾ شــل پــڄـائــي
اکـين سـان ڏسـان نـور نرمل منارا

ٿـيس بي ثمر مان، ثمر ناهه سهڻا
سجـھن تنهنجا سڀ کان وڏا ٿا سهارا

وڏي ڳـالھه تنهنجو ثنا خوان سڏايان
ڪرم خاص اڪرم تي تنهنجو ڀلارا