عذر ختم ٿيو
سنڌي ٻولي صحيح معنى ۾ تڏهن ئي ترقي ڪري سگھندي، جڏهن ان ۾ زندگي سان لاڳاپيل هر موضوع يعني: سائنس، سماجيات، اقتصاديات کان ويندي مذهبيات تائين جي باري ۾ لکيو ويندو. نثر توڙي نظم ۾ اعلى ۽ معياري لکيو ويندو، محض خانه پُري لاءِ “رهڙيو” نه ويندو.
دين ۽ مذهب هونئن ته ڪنهن به انسان جو انتهائي/ ذاتي معاملو آهي. الله ۽ انسان جو سنئون سڌو تعلق آهي، پر خود ان سبب جي ڪري به مادري ٻوليءَ ۾ ديني ۽ مذهبي communication جي اهميت پڻ وڌي وڃي ٿي. يقين اٿم ته هن نعتيه مجموعي کان پوءِ سنڌي ڪٽنبن جو ميلاد، مولود يا روز مرهه زندگيءَ جي ڪيترن ئي موقعن تي ڌارين ٻولين ۾ نعتن پڙهڻ لاءِ “سنڌيءَ ۾ نعتن جي کوٽ ” جو اجايو عُذر ختم ٿي ويندو!
[b]سحر امداد
سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، سنڌ
5 مئي 2003[/b]