مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

تـنـهنـجـو پـريـن پـيارا مـاري فـراق

تـنـهنـجـو پـريـن پـيارا مـاري فـراق
تنهنجـو سـچا سونهارا ماري پيو فراق

سـنڌڙي مـان مـونکي سائين سگھڙو گھراءِ
جندڙي جا جيءَ جـيارا ماري پيو فراق

سـاٿي نـه ڪـو ثمر ۽ زر مال ڪو نه آهي
تنهنـجي ئي سڪ سچـارا ماري پيو فراق

دنـيا سـڄـي سـلامـي تـنـهنجي در مدام
تـنهنـجـو مـونـکي دلارا ماري پـيو فـراق

دل ۾ تـه آس تـو وٽ اچــڻ جـي بـس
هـيڪـر ڏسـان مـنـارا مـاري پـيو فراق

روضـي رسـولﷺ جـو آ مـنـظـر عـجـيـب
نـوري پـسـان نـظـارا مـاري پـيـو فـراق

اڪرم جي لاء احسن گھريون دعائون جي
پـوريـون ڪـريـو پيارا ماري پيو فراق